“ٻوڏ متاثرن جي واهر ڪريو” حيدرآباد ۾ عورتن، ٻارن ۽ مردن جو مارچ، ڌرڻو

0
278

اسپتال، تلڪه چاڙهي ۽ فوجداري روڊ کان ٿيندو پريس ڪلب پهتو. مارچ ۾ مردن سان گڏ عورتون ۽ ٻار به وڏي انگ ۾ شامل هئا، مارچ جي اڳواڻي عوامي ورڪرز پارٽي جي سيڪريٽري ڪامريڊ بخشل ٿلهو، ڪامريڊ اختر حسين، ڪامريڊ ضياءُ، مير حسن سريوال، ڪامريڊ عاليه بخشل ۽ ٻين ڪئي، جڏهن ته مارچ ۾ مختلف سياسي جماعتن جي نمائندن سان گڏ ليکڪ جامي چانڊيو ۽ راڳي وقار ملاح به شرڪت ڪئي. مارچ ۾ شامل ماڻهن ٻوڏ جي تباهڪارين ۽ حڪومت جي نااهلي خلاف نعرا هنيا. سندن هٿن ۾ شهيد ناظم جوکيو جون تصويرون ۽ بينر به هئا ۽ سندس خون سان انصاف لاءِ به نعريبازي ڪئي وئي. عوامي مارچ پريس ڪلب پھچي ڌرڻي جي صورت اختيار ڪري ويو.

مارچ ۾ شامل ماڻهن کي اي ڊبليو پي سنڌ اڳواڻ مير حسن سريوال، ڪامريڊ بخشل ٿلھو، نيشنل پارٽي اڳواڻ ڪامريڊ تاج مري، عوامي جمھوري پارٽي جي صدر لال شاهه، پورھيت مزاحمت اڳواڻ مسرور شاهه، ليکڪ جامي چانڊيو، عوامي تحريڪ جي مرڪزي اڳواڻ نور احمد ڪاتيار، طبقاتي جدوجھد اڳواڻ سھيل چانڊيو، جيئي سنڌ محاذ اڳواڻ ھاشم کوسو، پي آر ايس ايف سنڌ جي صدر جئي ڪمار ۽ ٻين خطاب ڪندي چيو ته سنڌ کي برسات ۽ درياھ جي پاڻي نه پر حڪمرانن جي نااھلي ۽ ناقص نظام ٻوڙيو آھي. سنڌ جي جيڪب آباد، قمبر شهدادڪوٽ ۽ دادو ضلعي سميت ھر ضلعو متاثر ٿيو آھي. حڪمرانن جي ناقص پاليسين ۽ طبقاتي مفادن سبب سنڌ جو پورھيت عوام دربدر ۽ لاچار آھي. ٻوڏ سبب سنڌ، بلوچستان، سرائيڪي وسيب، ڪي پي ڪي ۽ گلگت بلتستان به متاثر ٿيا.

سامراجيت ۽ سرمائيداري نظام، ماحول ۽ انسان جي بقا جو دشمن آھي. انهن سرمائيدارن پنهنجو سرمايو بچائي انساني بقا سميت سڄي ماحول کي تباھ ڪري ڇڏيو آهي. رياست ۽ حڪومت صرف ٽيڪس وٺي مھانگائي کي عروج ڏيڻ ۽ ماڻهن جي قومي وسيلن جي ڦرلٽ ۾ مصروف آهن. هنن چيو ته حڪمرانن وٽ جنگيون وڙھڻ لاءِ ته پئسا موجود آهن پر ٻوڏن ۽ آفتن کان متاثر ماڻھن کي بچائڻ لاءِ پئسا خرچ نٿا ڪيا وڃن. جيڪڏھن اڳواٽ جوڳا بندوبست ڪيا وڃن ھا ته سنڌ ائين نه ٻڏي ھا ۽ لکين ماڻهو دربدر نه ٿين ها. هنن مطالبو ڪيو ته سنڌ ۾ لکين ماڻهن کي ٻوڙي دربدر ڪرڻ واري معاملي جي جاچ لاءِ عدالتي ڪميشن قائم ڪئي وڃي. علائقن مان پاڻي نيڪال ڪيو وڃي. روڊن رستن تي ويٺل ماڻهن کي صاف خوراڪ ۽ رهائش سميت صحت ۽ تعليم جون سهولتون فراهم ڪيون وڃن. ان موقعي تي ناري جمھوري محاذ اڳواڻ عابده چنا، پ پ شھيد ڀٽو جي اڳواڻ محبوب سيال، عوامي ورڪرز پارٽي جي سينئر نائب صدر ايڊووڪيٽ اختر حسين، عوامي ورڪرز پارٽي سنڌ جي صدر ڪامريڊ ضياءُ پڻ خطاب ڪيو.