لاڙڪاڻو ( رپورٽ: نادر ابڙو)  لاڙڪاڻو ڊويزن جي پنجن ئي ضلعن سميت دادو ضلعن جي ٻن تعلقن خيرپور ناٿن شاهه ۽ ميهڙ ۾ ٻوڏ متاثرن جي واهر، برساتي پاڻي نيڪال نه ٿيڻ توڙي گهارا بند نه ٿيڻ خلاف سينيئر وڪيل سرفراز جتوئي، ايڊووڪيٽ رفيق احمد ابڙو، ايڊووڪيٽ عنايت الله موريو ۽ ٻين طرفان داخل پٽيشن تي گڏيل ٻڌڻي سنڌ هاءِ ڪورٽ سرڪٽ بئنچ لاڙڪاڻو جي جسٽس نعمت الله ڦلپوٽو ۽ جسٽس خادم حسين تونيو تي مشتمل ڊويزنل بئنچ آڏو ٿي جتي ڪمشنر لاڙڪاڻو گهنور علي لغاري، ڊپٽي ڪمشنر لاڙڪاڻو طارق منظور، ميونسپل ڪمشنر لاڙڪاڻو امداد شاهه، ڊپٽي ڪمشنر ڪشمور منور علي مٺاڻي، ڊي ايڇ او لاڙڪاڻو اطهر شاهه، ڊپٽي ڪمشنر جيڪب آباد محمد يوسف شيخ، ڊپٽي ڪمشنر قمبر شهدادڪوٽ رٽائرڊ ليفٽينٽ عابد علي، ڊپٽي ڪمشنر شڪارپور ابرار جعفر، ايڊيشنل ڪمشنر دادو عبدالابواعليٰ ڀٽي سميت ٻيا پيش ٿيا. عدالت ۾ ڪمشنر ۽ ڊپٽي ڪمشنرن توڙي ڊي ايڇ اوز پنهنجي پراگريس رپورٽ پيش ڪندي موقف اختيار ڪيو ته رليف ڪيمپن ۾ ٻوڏ متاثرن جو تعداد وڌيڪ هئڻ ڪري راشن جي کوٽ آهي، ان جي باوجود اسين متاثرن کي راشن ڏئي رهيا آهيون، رليف ڪيمپن ۾ ميڊيڪل ڪيمپون لڳائي متاثرن کي طبي امداد ڏني پئي وڃي ۽ اسان جي ڪوشش آهي ته وڌ کان وڌ متاثرن کي رليف فراهم ڪيون. ٻڌڻي دوران عدالت مڪمل طور تي ٽينٽ سٽي قائم نه ڪرڻ توڙي متاثرن کي مڪمل طور راشن نه ڏيڻ تي عدالت ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو ته متاثرن جي لاءِ ٽينٽ سٽيز مڪمل طور ٺاهي اتي متاثرن کي پابندي سان راشن ڏنو وڃي. ڊي ايڇ او عدالت کي ٻڌايو ته جيڪي دوائون اڻلڀ آهن اهڙن ميڊيڪوز خلاف ڪاروائي ڪري رهيا آهيون ۽ ڪالهه به اهڙي قسم جي ڪاروائي ڪئي وئي جنهن ۾ دوائون هٿ ڪيون ويون آهن. ان موقعي تي پٽيشنر رفيق احمد ابڙو ۽ ٻين عدالت کي ٻڌايو ته ايف بي پي بند سميت ٻين هنڌن تي پيل گهارا بند ناهن ٿيا جنهن ڪري وڌيڪ جاني ۽ مالي نقصان جو خدشو آهي، ڏورانهن علائقن ۾ قائم ميٽرنٽي هوم مڪمل طور فعال ناهن، جنهن ڪري ڳورهاري عورتن جي زندگين کي خطرو آهي. پٽيشرن عدالت کي ٻڌايو ته سجاول جوڻيجو تعلقي ۾ سياسي وابستگي جي ڪري غلام مصطفيٰ مگسي نالي شخص کي سموري ضلعي جي متاثرن لاءِ فنڊ جاري ڪيو ويو جيڪو غيرقانوني عمل آهي. ان تي عدالت قمبر شهدادڪوٽ ضلعي جي ڊپٽي ڪمشنر کي ڇنڊپٽيندي چيو ته سياسي ماڻهو پنهنجي مدد پاڻ تحت متاثرن جي واهر ڪري سگهي ٿو نه ئي سرڪاري فنڊ هو استعمال ڪري سگهي ٿو ۽ کيس سرڪاري فنڊ استعمال ڪرڻ جا ڪي به اختيار ناهن تنهن ڪري انتظاميه اهڙي معاملن کي ٻنجو ڏيڻ لاءِ جوڳا قدم کڻي. پٽيشرن عدالت کي ٻڌايو ته تعليم کاتي طرفان ڪجهه اسڪولن مان متاثرن کي ٽينٽ سٽيز ۽ رليف ڪئمپن ۾ منتقل ڪيو آهي پر اڃان تائين ڪيترن ئي اسڪولن ۾ متاثر ترسيل آهن جن کي ٽينٽ سٽيز ۽ رليف ڪئمپن ۾ منتقل ڪري تعليم جاري رکي وڃي. پٽيشرن عدالت کي استدعا ڪئي ته متاثرن کي رليف ڪئمپن ۾ مڪمل طور بنيادي سهولتون فراهم ڪرڻ سان گڏ راشن ڏنو وڃي، گهارا بند ڪيا وڃن، مينٽرنٽي هومز کي 24 ڪلاڪ فعال ڪري سروس ڏني وڃي سياسي ماڻهن کي سرڪاري فنڊ جي استعمال کان روڪي ٿيل نقصان جو ازالو ڪيو وڃي. ان تي عدالت ڪمشنر سميت سمورن ڊپٽي ڪمشنرن ۽ ڪمشنر ۽ ڊپٽي ڪمشنرن سميت لاڳاپيل آفيسرن کان لاڳاپيل ضلعن جي متاثرن لاءِ جاري ٿيل فنڊن ۽ ٿيل نقصان جا انگ اکر پيش ڪرڻ جو حڪم ڏيندي ٻڌڻي 28 سيپٽمبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي آهي.