اسلام آباد (بيورو رپورٽ) سپريم ڪورٽ سنڌ ۾ ٻوڏ متاثرن جي بحاليءَ لاءِ قائم ڪيل نگران ڪاميٽين جي سربراهيءَ تان ججز کي هٽائي ڇڏيو، نگران ڪاميٽين خلاف سنڌ سرڪار جي درخواستن تي تفصيلي فيصلو جاري ڪيو ويو، سپريم ڪورٽ پنهنجي فيصلي ۾ چيو آهي ته نگران شهري ڪاميٽين جي سربراهيءَ تان ججز کي هٽايو ويو آهي، عدالت پاران ٻوڏ متاثرن جي بحاليءَ لاءِ جوڙيل ڪاميٽين ۾ عورتن کي به شامل ڪرڻ جو حڪم، سپريم ڪورٽ شهري ڪاميٽين کي رليف آپريشنز ۾ هدايتون ڏيڻ ۽ انهن کي ڪنٽرول ڪرڻ کان به روڪي ڇڏيو، سنڌ هاءِ ڪورٽ سنڌ سرڪار جي درخواست رد ڪندي ججن کي نگران ڪاميٽيز جو سربراهه مقرر ڪيو هو، سپريم ڪورٽ سنڌ حڪومت جون سنڌ هاءِ ڪورٽ جي فيصلي خلاف درخواستون جزوي طور منظور ڪندي تفصيلي فيصلو جاري ڪري ڇڏيو. عدالت پي ڊي ايم اي کي رليف آپريشنز جي ٻن هفتن بعد سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ رپورٽ جمع ڪرائڻ جو به حڪم ڏنو، فيصلي ۾ جسٽس منصور علي شاهه جو اضافي نوٽ به شامل آهي جنهن ۾ جسٽس منصور علي شاهه چيو آهي ته پاڪستان کي سڀ کان وڌيڪ خطرو موسمي تبديلي مان آهي، ٻوڏ کانپوءِ جي رٿابندي قومي حڪمت عملي جو اهم جزو هجڻ گهرجي، ٻوڏ جي تباهي کان بچڻ جو جامع پلان ٺاهڻ وزارت موسمي تبديلي ۽ اين ڊي ايم اي جي زميواري آهي.