ٻوڏ سٽيل سنڌ ۾ وبائي بيماريون، وڌيڪ 16 ڄڻا حياتيون وڃائي ويٺا

0
222

ڪراچي (نمائيندن وٽان) ٻوڏ سٽيل سنڌ ۾ وبائي بيمارين وگهي ماڻهو مرڻ جو سلسلو جاري آهي، گيسٽرو ۽ مليريا وگهي اڄ وڌيڪ 16 ڄڻا حياتيون وڃائي ويٺا، فوتين ۾ عورتون ۽ ٻارڙا به شامل آهن

خيرپور ناٿن شاهه ۾ گيسٽرو وگهي 4 ڄڻا فوت ٿي ويا، فوتين ۾ عورت زادي کوسو، امام الدين چانڊيو، ٻارڙو نويد ملاح ۽ ٿڃ پياڪ ٻارڙي زينب شامل آهن

ٺارو شاهه ۾ گيسٽرو وگهي پيرسن ۽ نوجوان فوت ٿي ويا، ڀان سيد آباد جي رليف ڪيمپ ۾ نئين ڄاول ٻارڙي مليريا وگهي دم ڏئي ڇڏيو

ميهڙ ويجهو روڊ تي ويٺل ٻوڏ متاثر خاندان جي ٻن سالن جي ٻارڙي ثمينا گيسٽرو وگهي فوت ٿي وئي

گلشن حديد ۾ ڊينگي وگهي ليڊي ٽيچر حبيبه ميمڻ دم ڏنو، مبارڪپور ۾ 5 ٻارن جي ماءُ امينت خاتون مليريا وگهي فوت ٿي وئي

هوڏانهن ٺل جي ڳوٺ خان محمد پهوڙ ۾ ٻارڙو راشد سميجو مليريا وگهي دم ڏنو، دودا پور ويجهو ٻن سالن جي ٻارڙي نويدان مليريا لاڏاڻو ڪري وئي

جڏهن ته پيرڳوٺ جو نوجوان عبدالرحيم مڱڻيجو نمونيا وگهي فوت ٿي ويو  ۽ بدين جي علائقي ڏيئي ۾ هڪ سال جي ٻارڙي شازيه جمالي گيسٽرو وگهي دم ڏنو آهي