ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي تعليم واري وزير سيد سردار شاهه چيو  آهي ته ٻوڏ سبب 2 لک ٻارن جي تعليم متاثر ٿي آهي، جن ۾ 46 سيڪڙو ڇوڪريون آهن. سنڌ ۾ 20602 اسڪولن جي عمارتن کي نقصان پهتو آهي ، ڪمزور ٿيل عمارتن ۾ ٻارن کي ويهاري نٿو سگهجي، ڪالهه عالمي ڪانفرنس ۾ وڊيو لنڪ تي ڳالهائيندي هن چيو ته  ٽينٽ اسڪول هلائڻ لاءِ  20 هزار خيمن جي ضرورت آهي.