سکر/ قمبر (رپورٽ: فاروق سومرو/ رحيم منگي) قمبر شھدادڪوٽ ضلعي ۾ ٻوڏ جي صورتحال جو جائزو وٺڻ لاءِ وزير اعظم شھباز شريف، پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري ۽ وزير اعليٰ سنڌ مراد علي شاهه سکر سان هيلي ڪاپٽر ذريعي قمبر راهوجا باءِ پاس تي پهتو، جتي وزير اعظم کي قمبر شھدادڪوٽ ۾  برساتي ٻوڏ جي سلسلي ۾ ڊي سي قمبر عابد علي شيخ بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ته برساتن جا 4 اسپيل ٿيا، آخري برساتن جو اسپيل تمام خطرناڪ هو، قمبر ۾ 440 ملي ميٽر برسات پئي، جڏھن ته بلوچستان جي خضدار، جهل مگسي ۽ مولان ندي جو پاڻي به قمبر ضلعي ۾ آيو، جنهن اسان جي ڊرين سسٽم کي تباهه ڪري ڇڏيو، سم نالن ۽ ايف پي بچاءُ بند کي ڪيترن هنڌن تان گهارا پئجي ويا، جنهن سبب قمبر شھدادڪوٽ ضلعي جون 52 ئي يونين ڪانسلون متاثر ٿيون، هن چيو ته ضلعي جي آبادي 13 لک 41 هزار آھي، جنهن ۾ 7 ٽائون ۽ 2 ميونسپل ڪاميٽيون آھن، برسات سبب 9 لک ماڻھو متاثر ٿيا آھن، هڪ لک 95 هزار گهر ڪري تباهه ٿي ويا آھن، ڪچا گهر سمورا ڪري پيا آھن، اڃا  تائين روڊ رستا نه هئڻ سبب گهر ڪرڻ جي سروي مڪمل ڪري نه سگهيا آھيون، جڏھن ته هڪ لک 96 هزار ماڻھو لڏ پلاڻ ڪري مختلف هنڌن ڏانهن هليا ويا آھن، 22 ماڻھو فوت ٿيا آھن، 196 زخمي ٿيا آھن، 1500 کان وڌيڪ چوپايو مال مري ويو آھي، آرمي ۽ نيوي جي مدد سان 3000 ماڻھن کي ريسڪيو ڪري پاڻي کان ٻاهر ڪڍيو ويو، جڏھن ته 95 سيڪڙو ساريالو  فصل تباهه ٿي ويو آھي ۽ مٿان وري ڪڻڪ جي پوکائي جي مند به اچي پئي لڳي ٿو ته نومبر تائين پاڻي نيڪال نه ٿيندو، جنهن سبب ڪڻڪ جي پوکائي ٿيڻ به مشڪل آھي، ڊي سي ٻڌايو ته ضلعي ۾ صحت کاتي ۽ پي پي ايچ آءِ طرفان 5 وڏيون ميڊيڪل ڪيمپون قائم ڪيون ويون آھن، جڏھن ته سوين موبائلز ٽيمون پڻ صحت جي حوالي سان ڪم ڪري رهيون آھن، 35 هزار او پي ڊي ٿي آھي، جنهن ۾ وڏو انگ گيسٽرو ۽ ڊائريا سميت ڇاتي جي انفڪيشن ۽ مليريا جو مرض آھي، ڏيڍ لک راشن بيگ مليا آھن، جيڪي ورهايا آھن، جڏھن ته پڪي پڪائي به ماڻھن کي ڏئي رهيا آھيون، ڪيترائي ماڻھو اڃان تائين ڳوٺن ۾ ترسيل آھن، چوپايو مال هئڻ ڪري هو گهر نه پيا ڇڏين، جن کي هيليڪاپٽر ذريعي راشن ڏنو پيو وڃي، ماڻھن جو وڏو انگ شيلٽر ليس آھي، تنبن جي تمام گهڻي ضرورت آھي، ٻئي طرفان ايريگيشن کاتي طرفان بريفنگ ڏيندي وزير اعظم کي ٻڌايو ته اڪثر سم نالا ۽ ايف بند کي ڪيترن هنڌن تان گهارا لڳل آھن، جن کي بند ڪرڻ لاءِ واپڊا اسڪارپ سميت هيوي مشينري ۽ وفاق جي مدد جي ضرورت آھي جڏھن ته سڀ کان وڏو مسئلو پاڻي کي نيڪال ڪرڻ آھي، پاڻي کي رستو نه پيو ملي. ان موقعي تي وزير اعظم شهباز شريف چيو آهي ته حڪومت امدادي فنڊ جي رقم 28 ارب رپين مان وڌائي 70 ارب رپيا ڪيون پيا، جنهن سان پوري ملڪ جي ٻوڏ متاثر هر خاندان کي 25 هزار رپيا ڏنا ويندا، قمبرشهدادڪوٽ جي دوري دوران ميڊيا سان ڳالهائيندي شهباز شريف چيو ته پوري ملڪ ۾ نقصان جو جائزو وٺڻ بعد امدادي رقم ۾ اضافو ڪيو ويو آهي، هن چيو ته برساتي ٻوڏ سبب وڏي تباهي ٿي آهي، هاڻ به ڪيترائي علائقا پاڻي ۾ ٻڏل آهن، بحالي لاءِ اڃا گهڻو ڪجھه ڪرڻو آهي، هن چيو ته امدادي رقم بينظير انڪم سپورٽ پروگرام ذريعي متاثرن کي وڏي ويندي، شهباز شريف چيو ته ٻوڏ سبب سنڌ ۾ چانور ۽ ڪپهه جا فصل به تباهه ٿي ويا آهن، هن مشڪل وقت ۾ سڀني ادارن جي گڏيل تعاون جي ضرورت آهي، هن چيو ته هي وقت سياست جو ناهي، هن مشڪل وقت مان نڪرڻ لاءِ هٿ ملائڻ جي ضرورت آهي، هن چيو ته متاثرن لاءِ خيمن ۽ مڇردانين جي ضرورت آهي، اهي جلد فراهم ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهيون، ان حوالي سان 7 لک خمين جو آرڊر ڏئي ڇڏيو آهي. ان کان اڳ سکر ايئر پورٽ پهچڻ بعد وزيراعظم پاڪستان شهباز شريف سنڌ کي وفاقي حڪومت طرفان هر ممڪن تعاون جي خاطري ڏياريندي چيو ته ٻوڏ متاثرن جي مدد ۽ بحاليءَ ۾ ڪابه ڪسر نه ڇڏي ويندي. هن اهڙن خيالن جو اظهار پ پ چيئرمين، پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري ۽ سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه سان گڏ قمبر شهدادڪوٽ ضلعن جي ٻوڏ متاثر علائقن جي فضائي دوري ۽ ٻوڏ متاثرن ۾ امدادي سامان ورهائڻ دوران ڪيو. فضائي دوري دوران توڙي سکر ايئرپورٽ تي بريفنگ ڏيندي بلاول ڀٽو ٻڌايو ته ٻوڏ سبب ڪروڙين ماڻهو متاثر ۽ لکين بي گھر ٿي ويا آهن. ٻوڏ سان ٿيل تباهي ملڪ جي تاريخ جو سڀ کان وڏو سانحو آهي. پاڪستان موسمياتي تبديلين جي تمام وڏي قيمت ادا ڪئي آهي. عالمي دنيا کي گڏجي ان آفت جو مقابلو ڪرڻو پوندو، ڇو ته دنيا جو ڪو به ملڪ اڪيلو ان صورتحال جو مقابلو نٿو ڪري سگھي.