جهڏو جهڏو(ن پ ا) سنڌ اسيمبلي جي ڊپٽي اسپيڪر شهلا رضا ۽ آءِ ٽي جي اسپيشل اسسٽنٽ تنزيلا قمبراڻي جهڏو لڳ ڳوٺ حيات خاصخيلي ۾ سماجي تنظيم پاران منعقد ڪيل تقريب ۾ شرڪت ڪئي، ان موقعي تي هنن ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته سنڌ ۾ ٻوڏ سبب وڏي تباهي آئي آهي، جنھن کي منهن ڏيڻ لاءِ سنڌ سرڪار سموري دنيا کان مدد گهري آهي، هنن چيو ته ايتري وڏي آفت کي اڪيلي سر منهن نٿو ڏئي سگهجي، سنڌ ۾ برساتون تمام گهڻيون پيون، جنهن ڪري وڏي تباهي آئي آهي، هنن چيو ته هاڻي ٻوڏ متاثرن جي بحالي جي حوالي سان سروي شروع ڪرائي وئي آهي، جڏهن ته پاڻي جي قدرتي وهڪرن تان قبضا هٽائڻ لاءِ سنڌ سرڪار منصوبا بندي ڪري پئي.