ڪڪڙ (ن پ ا) چين جي وفد ڪڪڙ پھچي فلٽر پلانٽ ۽ ٽينٽ سٽي جو افتتاح ڪري 200 کان وڌيڪ ٻوڏ متاثرن ۾ خيما ورهايا، چين کان آيل 10کان 12 ڄڻن جي وفد ظھو مينگھو، اينٿوني، ڪيوايڪسو، چين وين جيون، مس ليولي ۽ وسيم باري سميت ٻين ڊونرز جي اڳواڻي ۾ ڪڪڙ لڳ مھا ٻوڏ ۾ تباهه ٿيل ڳوٺن قادربخش بروھي ۽ ڳوٺ تڳيو ٻٻر پھتا، ڊونرن پاران متاثرن لاءِ مٺي ۽ صاف پاڻي جي سھولت لاءِ واٽر فلٽر پلانٽ جي اسڪيم ۽ متاثرن لاءِ قائم ڪيل ٽينٽ سٽي جو افتتاح ڪندي 220 متاثرن خاندانن کي خيما فراھم ڪيا ويا، چين کان آيل ڊونرز جي وفد جو چوڻ ھو ته  گذريل سال ٻوڏ سبب لکين ماڻھو بي گھر ٿيا ھئا، ان تي اسان کي ڏک ۽ افسوس ٿيو آهي، ٻوڏ کانپوءِ علائقي جو دورو ڪيو، هنن چيو ته چين پاڪستان کي ڏکي ماحول ۾ ڪڏھن به اڪيلو ناهي ڇڏيو، متاثرن جي ھر ممڪن مدد ڪئي آھي ۽ ڪندا رھنداسين، وفد سخت گرمي ۾ خيمن ۾ ترسيل ٻوڏ متاثرن عورتن ۽ مردن سان ملاقات ڪري جائزو وٺي تفصيل معلوم ڪيا، پ پ سپاف ضلعي اڳواڻ ميرمختيار بروھي، صدر بروھي، منور چانڊيو، غلام نبي برھماڻي چيني وفد کي سنڌ جي ثقافت اجرڪ جا پڻ تحفا ڏنا.