حيدرآباد/ڀٽ شاهه (نمائندن وٽان) حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائي رح جو 279 هون عرس مبارڪ 14 کان 16صفر تائين ڀٽ شاهه ۾ سادگي سان ملهايو ويندو، 3 ڏينهن واري عرس مبارڪ جي تقريبن جي حوالي سان ڊويزنل ڪمشنر نديم الرحمان ميمڻ جي صدارت هيٺ سندس ڪيمپ آفيس ۾ اجلاس منعقد ٿيو، اجلاس ۾ سيڪريٽري ثقافت سنڌ سعيد غني سهتو، ڊائريڪٽر جنرل ثقافت عبدالعليم لاشاري، ڊپٽي ڪمشنر مٽياري عدنان راشد، ڊويزنل ڊائريڪٽر اطلاعات سوائي خان ڇلگري ۽ ٻين لاڳاپيل عملدارن شرڪت ڪئي. گڏجاڻي ۾ فيصلو ڪيو ويو ته تازين برساتن ۽ ٻوڏ جي تباهڪارين سبب هلندڙ سال حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائي جو ساليانو عرس مبارڪ سادگي سان ملهايو ويندو، جنهن ڪري سموريون تفريحي سرگرميون ملتوي ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. اجلاس دوران ڳالهائيندي ڊويزنل ڪمشنر چيو ته هن وقت برساتن ۽ ٻوڏ سبب سڄي سنڌ متاثر آهي تنهن ڪري هن ڀيري عرس مبارڪ عقيدت، احترام ۽ سادگي سان ملهائڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. هن چيو ته ميلي جي پهرين ڏينهن شاهه عبداللطيف ڀٽائي رح جي درگاهه تي چادر چاڙهي عرس مبارڪ جو افتتاح ڪيو ويندو جڏهن ته عرس مبارڪ جي پڄاڻي واري تقريب ممتاز مرزا هال حيدرآباد رکي وئي آهي جتي ”درد سي اميد تک“ جي عنوان سان ادبي ڪانفرنس جو اهتمام ڪيو ويندو جنهن ۾ مقالا پيش ڪيا ويندا. بعد ۾ لطيف ايوارڊ جي تقريب منعقد ڪئي ويندي جنهن ۾ 6 ڪيٽيگريز رکيون ويون آهن. اجلاس دوران ڊائريڪٽر جنرل ثقافت سنڌ عبدالعليم لاشاري عرس مبارڪ جي انتظامن جي حوالي سان تفصيلي آگاهي ڏني. گڏجاڻي ۾ ڊپٽي ڪمشنر مٽياري عرس جي موقعي تي صفائي سٿرائي ۽ ٻين انتظامن جڏهن ته ايس ايس پي مٽياري سيڪيورٽي ۽ ٽريفڪ جي انتظامن بابت آگاهي ڏني. ڊويزنل ڪمشنر اوقاف، حيسڪو ۽ ٻين کاتن جي عملدارن کي عرس مبارڪ کان اڳ سمورن ڪيل انتظامن جي حوالي سان رپورٽ پيش ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي. ٻي طرف ڀٽ ڌڻي جي 279 ھين عرس ۾ ايندڙ زائرين جي انتظامن جي حوالي سان  عملدارن جي اھم اجلاس ۾ ڊي سي ۽ ايس ايس پي مٽياري شريڪ نه ٿيا، اسسٽنٽ ڊپٽي ڪمشنر سيد جنيد شاھ ۽ اسسٽنٽ ڪمشنر ھالا مظاھر ٻرڙو ثقافتي مرڪز ڀٽ شاھ ۾ اجلاس ڪيو، اجلاس ۾ عرس  ۾ ايندڙ زيارتين لاءِ صفائي، رائش ۽ کاڌي جا انتظام ڪرڻ جو فيصلوڪيوويو آھي، اجلاس ۾  فيصلو ڪيو ويو ته برسات ۽ ٻوڏ سبب شاھ لطيف جو عرس سادگي سان ملھايو ويندو، جڏهن ته  درگاھ جي قائم مقام سجادھ نشين سيد خاور حسين شاھ ٻڌايو ته اسان به پنھنجو تقريبون محدود ڪري ڇڏيون آھن، فقط رسمون ادا ڪيون وينديون، مشائخ ڪانفرنس به ملتوي ڪئي وئي آهي،  باقي پانڌيئڙا ضرور ايندا، انھن لاءِ  انتظاميـاکي جوڳا انتظام ڪرڻ گھرجن. ھن چيو ته ايوارڊ تقريب يا ادبي ڪانفرنس حيدرآباد بدران ڀٽ شاھ ۾ ٿيڻ گھرجي.