ميھڙ / خيرپورناٿن شاھ (رپورٽ : عبدالرحمان قمبراڻي ۽ ارشاد کوسو)  ٻوڏ جون تباھڪاريون رڪجي نه سگھيون آهن، ميھڙ ۽ خيرپور ناٿن شاهه ۾ بک بدحالي، گيسٽرو بيماري توڙي گھر ڊھي پوڻ جي صدمي ۾ ھڪ نينگر سميت 3 ڄڻا فوت ٿي ويا آهن. ٻن ڏينھن دوران ميهڙ ۾ فوتين جو انگ 6 ٿي ويو آهي ۽ 15 ڏينھن ۾ فوتين جو انگ وڌي 39 تي پهتو آهي پر انتظاميا ڪا واھر نه ڪري سگھي آھي. ميھڙ انڊس ھاء وي ڀرسان مھيسر پئٽرول پمپ ٻاھران کلي آسمان ويٺل شينھڻ جو دڙو جو رھواسي 16 ورھين جو نينگر شعيب کوسو ٽينٽ نه ملڻ ، بک بدحالي ۽ اعلاج نه ٿيڻ سبب تڙپي تڙپي فوت ٿي ويو ھوڏانھن ميھڙ جي منظور ڪالوني جو رھواسي پورھيت پيرسن حبيب الله گاڏھي گھر ڊھڻ جو صدمو نہ سھندي فوت ٿي ويو آھي فوتين جا لاش تعلقہ اسپتال ميھڙ بعد وارثن حوالي ڪيا ويا آھن لاش گھر پھچڻ تي ڪھرام مچي ويو. ميھڙ ۾ اسڪولن توڙي بندن تي ويٺل ھزارين ٻوڏ متاثرين جي ڪا بہ واھر ناھي ٿي سگھي جنھن سبب متاثر اڃ ۽ بک ۾ پاھ ٿي رھيا آھن پر سرڪار ڪا بہ واھر ناھي ڪئي. هوڏانهن خيرپورناٿن شاھ جي ڳوٺ ڪريمداد لنڊ جي رهواسڻ 65 ورهين جي مسمات جيري جمالي مسلسل پاڻي ۾ رهڻ راشن نه هجڻ جي ڪري بکن ۾ پاهه ٿي فوت ٿي وئي آهي . جڏهن ته شهر مڪمل طور ٻڏي وڃڻ سبب قبرستان به ٻڏي ويا آهن جنهن ڪري فوتڻ جو لاش دادو جي هڪ قبرستان ۾ دفنايو ويو.  شهري اتحاد جي چيئرمين حافظ محمد امين جمالي ٻڌايو ته شهر ته مڪمل طور ٻڏي ويو آهي پر ضلعي انتظاميا ۽ چونڊيل نمائندن جي نا اهلي آهي جو شهر سڄو ٻڏي مڪمل تباھ ٿي ويو آهي هن چيو ته شهر کي ته هٿ سان حڪمرانن لاورث سمجهي ٻوڙايو آهي ۽ هاڻي کائڻ لاء به ڪجھ به نه بچيو آهي ماڻهون بک وگهي مري رهيا آهن. هن چيو ته اڄ منهنجي چاچي بک وگهي مري وئي آهي راشن لاء دانهون ڪوڪو ڪري رهياسين پر اسان جي ڪنهن دانهن نه ٻڌڻ وارو ناهي هن چيو ته شهر ۾ قبرستان به ٻڏي ويا آهن جنهن ڪري ميت کي دادو کڻي وڃي دفنايو آهي جڏهن ته سوين ڳوٺن ۾ مال جو چارو ختم ٿي وڃڻ ڪري مينهون ڍڳا ٻڪريون گڏه مرڻ لڳا وڏي تعداد ۾ مالوندون پنهنجو مال ڳوٺ ۾ بيهاري ڇڏيو آهي پاڻي ڳوٺن جي چوطرف اچڻ وڏي تعداد ۾ ڳوٺ ٻڏي وڃڻ کانپوء بچي ويل ڳوٺن جي دڙن تي مال ٻيهاري بيٺا آهن جن کي مال لاء چارو ۽ متاثر ماڻهن کي راشن پيئڻ جي پاڻي جي سخت ضرورت آهي هن وقت تائين انتظاميا ڪو به نوٽيس ناهي ورتو ماڻهو جانور بکن ۾ پاه ٿي ويا آهن مال مري رهيو آهي حڪمرانن بيانن تائين محدود آهن رائيس ڪئنال ناراڊسٽري کي پيل گهارا بند نه ٿيڻ جي ڪري پاڻي ڳوٺ ٻيڙو خان گاڏهي ڳوٺ جهنڊو خان گاڏهي آڍو خان گاڏهي مراد گاڏهي ماڻو خان گاڏهي کان ٿيندو شهر طرف وهي رهيو آهي ڳوٺاڻن باقر گاڏهي ، نياز گاڏهي ، سيد ظاهر شاه ، نبن بروهي وقار گاڏهي ۽ ٻين حڪومت سنڌ کان مطالبو ڪيو ته ايف ڊبليو وارن جي مدد وٺي رائيس ڪئنال سپريو بند جا گهارا فوري بند ڪرائي وڌيڪ تباهي کان بچايو وڃي.