ڪراچي(رپورٽ: فقير سليم) سنڌي سميت مختلف ٻولين جي ماهرن ۽ سول سوسائٽي جي نمائندن گهر ڪئي آهي ته آئين جي آرٽيڪل 251 ۾ سڌارا آڻي، سنڌي سميت سمورين مادري ٻولين کي قومي ٻولي جو درجو ڏئي، ٻولين بابت قومي ڪميشن قائم ڪئي وڃي، ڪالهه ڪراچي پريس ڪلب ۾ ڪوٺايل ٻولي ڪانفرنس کي خطاب ڪندي تعليمدان ڊاڪٽر شير مھراڻي چيو ته  پاڪستان گھڻ قومي رياست آھي،  وفاق ۾ شامل قومن کي اھو حق حاصل آھي ته  اھي پنھنجي قومي زبان کي صوبي ۾ لاڳو ڪن ، جنھن سان ملڪ کي يا اردو زبان کي ڪو نقصان نه ٿيندو، ويتر وفاق مضبوط ٿيندو، هن چيو ته  سڄي دنيا ۾ 6 ھزار ٻوليون ۽ پاڪستان ۾ 70 کان وڌيڪ ٻوليون ڳالھايون وينديون آھن، قومي ٻولين جو اردو سان ڪو ٽڪراءُ ناهي، حڪومت ٻولين بابت قومي ڪميشن ٺاھي اصلوڪن رهواسين جي ٻولين کي قومي ٻولي جو درجو ڏنو وڃي، هن چيو ته  دانشور ، اديب ، شاعر ۽ صحافي ٻولي تحريڪ ۾ اھم ڪردار ادا ڪري سگھن ٿا، پ پ جي اڳُوڻي سينيٽر ڊاڪٽر ڪريم خواجا چيو تھ اسين سوچي رھيا آھيون ته  ٻولين جي حوالي سان قومي ڪميشن قائم ڪئي وڃي، هن چيو ته قومي ٻولين جو بل پاس ڪرائڻ لاءِ قومي اسيمبلي ۾ ٻھ ڀاڱي ٽي جي اڪثريت جي ضرورت آھي.  اڳ ۾ ٻولي بل پاس ڪرائڻ لاءِ سنڌ جو باقي صوبن ۽ ڪشميرين ساٿ نه ڏنو، هن چيو ته سياسي ڌرين ۾ اتفاق راءِ کانسواءِ ٻولين جو بل پاس ٿيڻ ناممڪن آھي. ٻولي بل پاس ٿيڻ سان اردو کي ڪو نقصان نھ ٿيندو. هن چيو ته مون آئين جي آرٽيڪل 251 تي نظرثاني ۽ ترميمن جي لاءِ ڪوششون ڪيون آھن ، هن چيو ته پنجاب مان چونڊجي ايندڙ ميمبر جاڳ پنجابي جاڳ جو نعرو ته  ھڻندا آھن پر اھي پنجابي ٻولي جي ڳالھه  نٿا ڪن . اھڙي طرح پشتون ۽ بلوچ پڻ پنھنجي ٻولين کي لاڳو ڪرڻ کان لنوائيندا رھيا آھن. پروفيسر ڊاڪٽر توصيف احمد خان چيو ته ملڪ ٺھڻ کان وٺي قومي ٻولين کي دٻائڻ جو سلسلو جاري آھي، ان کي ننڍي کنڊ جي تاريخ سان جوڙڻ جي ضرورت آھي، ورهاڱي کان ٻولين جي ٽڪراءَ جو مسئلو اڀريو، جيڪو فطري عمل ھو . اھا حقيقت مڃڻي پوندي تھ حڪمران طبقن قومن جي استحصال لاءِ ٻولين کي استعمال ڪيو آھي البيلي شاعر رکيل مورائي چيو تھ  ٻولي مامري تي سياست ڪرڻ بجاءِ ٻولي سان محبت ڪئي وڃي ، سنڌ جا اديب ٻولي تي سياست قبول نه  ڪندا .  ڀٽائي عربي ، فارسي سميت ٻين ٻولين جو وڏو ڄاڻو ھو پر ھن شاعري سنڌي ٻولي ۾ڪري محبت جو مثال قائم ڪيو . توقير چغتائي چيو تھ جڏھن کان وٺي ملڪ ٺھيو آھي تھ ٻولين جي مامري تي تحريڪون ھلي رھيون آھن ، بنگالي ٻولي تحريڪ ۾ خون وھايو ويو، تاريخ رت سان ڀري پئي آھي،  سنڌي ٻولي پنھنجي شاھوڪار ثقافت سان جڙيل آھي. ڊاڪٽر اصغر دشتي چيو تھ مادري ٻولين تي سڄي دنيا ۾بحث ٿي رھيو آھي، 1947ع ۾ اردو کي پاڪستان جي قومي ٻولي قرار ڏئي اصلوڪن ماڻھن جي ٻولين جي حيثيت کان انڪار ڪيو ويو، ان موقعي تي ٿيل مشاعري ۾ جميلا علي سميت مختلف شاعرن ڪويتائون پيش ڪيون.