حيدرآباد (بيورو رپورٽ) سنڌي ٻوليءَ جي بااختيار اداري پاران سنڌي ٻولي جاڳرتا مھم جي سلسلي ۾ ”سنڌي ٻولي، خطرا، موقعا ۽ تجويزون“ جي عنوان تحت آن لائين مباحثو منعقد ڪيو ويو. ”ٽيڪنالاجي ۽ سنڌي ٻولي“ جي سري هيٺ آن لائين مباحثي ۾ سنڌ يونيورسٽي لاڙڪاڻي ڪئمپس جي پرو وائيس چانسيلر ڊاڪٽر اظھر علي شاھ ۽ عبدالماجد ڀرڳڙي انسٽيٽيوٽ آف لئنگويج انجنيئرنگ جي ڊائريڪٽر امر فياض ٻرڙو خصوصي طور شرڪت ڪئي. ڊاڪٽر اظھر شاھ چيو ته سنڌي ٻوليءَ لاءِ انفرادي طرح ماڻهن تمام بهترين ڪم ڪيو آهي. سڀ کان پھرين ڪمپيوٽر تي ڪم ٿيڻ گهرجي ته جيئن ڪمپيوٽرز جي لفظن ۽ اصطلاحن کي سنڌيءَ ۾ آسانيءَ سان سمجهي سگهجي. سنڌي ٻوليءَ جي لئنگويج انجنيئر امر فياض ٻرڙو چيو ته ڊيٽا بيس کي جمع ڪرڻ ۾ وڏو حصو ميڊيا جي ادارن جو آھي. اخبارن ۾ روزاني لڳ ڀڳ ٻه لک لفظ ڪمپوز ٿي شايع ٿين ٿا پر اخبارون لفظن جي بنياد تي نه ھئڻ سبب اھي لفظ ڊيٽابيس ۾ شامل ٿيڻ کان رھجي وڃن ٿا. ھن چيو ته سنڌي ٻولي کي بين القوامي ٻوليءَ طور سيکارڻ لاءِ ٻوليءَ جو بااختيار ادارو اڳتي اچي جنھن جي تمام گهڻي ضرورت آهي. آن لائين مباحثي جو ويب انجنيئر اويس جوڻو به شريڪ هو.