ڪراچي (رپورٽ: فقير سليم ) ٻولي اٿارٽي پاران ڪراچي جي خانگي اسڪولن ۾ سنڌي پڙھائيندڙ استادن جي تربيت جو فيصلو، ڪلاسز لاءِ ڊي جي سائنس ڪاليج جي ھال جي چونڊ، انتظاميا مخالفت ڪري ڇڏي ـ ان ڏس ۾ ذريعن کان معلوم ٿيو آھي ته سنڌي ٻولي اٿارٽي پاران سنڌي ٻولي جاڳرتا مھم جي سلسلي ۾ ڪراچي جي خانگي توڙي سرڪاري اسڪولن ۾ سنڌي سبجيڪٽ پڙھائيندڙ استادن جي تربيت ۽ ڪراچي مان سنڌي ٻولي جي حوالي سان ڪاروھنوار ھلائڻ لاء  ڪراچي ۾ عارضي طور ڪيمپ آفيس ۽ ڪلاسز ھلائڻ جو فيصلو ڪيو ويو ھو،  ان ڏس ۾ ٻولي اٿارٽي جي چيئرمين ڊاڪٽر اسحاق سميجو پاران تعليم واري وزير کي مدد جي درخواست ڪئي ھئي، تعليم واري وزير پاران ڊي جي سائنس ڪاليج جي ٺيڪيدار جي قبضي ۾ ٻن سالن کان پيل 8 ڪمرن مان ھڪ ھال ۽ هڪ ڪمرو ٻولي اٿارٽي کي ڏيڻ جي حامي ڀري وئي ھئي، ذريعن موجب ٽي ڏينهن اڳ ٻولي اٿارٽي جي چيئرمين اسحاق سميجو ڪاليج جو دورو ڪري ڪمرن جو جائزو ورتو  ته ڪاليج جي انتظاميا ۾ ٿرٿلو پئجي ويو،  پرنسپال پاران سپلا اڳواڻن کي اٿارٽي جي ڪلاس رومز جي مخالفت لاءِ چيو ويوم ڪالهه سپلا جو ھڪ وفد ڊي جي ڪاليجز محمد علي مانجھي جي آفيس پھتو، ڊي جي محمد علي مانجھي کين خاطري ڪرائي ته ھو تعليم واري وزير ۽ سيڪريٽري آڏو سپلا اڳواڻن توڙي ڪاليجز انتظاميا جو موقف رکي ڪاليج جا ڪمرا  ٻولي اٿارٽي جي حوالي نه ڪندو ـ