ٻوليءَ سان جُٺ ۽ لفظن سان هٿ چراند

0
138
ٻوليءَ سان جُٺ ۽ لفظن سان هٿ چراند

 اسين ڇو نه ڀلي ڪيڏا به وڏا مدبر، عالم، فاضل ۽ ڏاها ٿي وڃون. تنهن هوندي به گفتگو دوران لفظن جي تقدس کي برقرار نه رکي سگهندا آهيون. جيتوڻيڪ دنيا ترقي جا ڏاڪا چڙهي ڪري گهڻو اڳتي نڪري چڪي آهي، ان جي باوجود به لکڻين، ڪالمن، مضمونن کان ويندي نثر توڙي نظم جي سڀني صنفن ۾ لفظن جو استحصال اڃان تائين باقاعده سان ٿي رهيو آهي. هر هڪ ماڻهو پنهنجي ڳالهائيندڙ ٻوليءَ سان وڏي جُٺ ۽ هٿ چراند ڪري ٿو. تمام ٿورا اهڙا ماڻهو آهن. جيڪي انفرادي طور تي دنيا اندر موجود هر هڪ ٻوليءَ جو ڪيس وڙهي رهيا آهن. ڌرتيءَ جي هن گولي تي سڀني کان وڌيڪ سمجهي ويندڙ ۽ آسان ٻوليءَ پيار جي ٻوليءَ آهي، جيڪا ٻار سان گڏ ماءُ جي جهولي ۾ نپائي ۽ تاتي ويندي آهي. ظاهري طور تي گهڻا ماڻهو ٻوليءَ کي سمجهڻ، پرکڻ ۽ ان جي درست استعمال کان اڳ ئي اڪابر ٿي ويهندا آهن. انهن جي اها اڪابري ئي انهن کي راڄ اڳيان ٽشو پيپر جيان بڻائي ڇڏيندي آهي. ڇا توهان ڪڏهن غور ڪيو آهي ته هر هڪ نينو سيڪنڊ ۾ دنيا جهان اندر ڪيتريون ٻوليون ڳالهايون وينديون آهن ۽ انهن ٻولين جا لفظ هوا سان ملي ڪري تحليل ڇو ٿي ويندا آهن؟ هي ڪو مذهبي عقيدو، عام نظريو يا خاص فلسفلو ڪونهي پر هر معمولي ۽ ساده توڙي سمجھ ۾ ايندڙ سوال/ڳالھ آهي، جيڪا هر ڪو سمجهي نه ٿو سگهي. جنهن گهڙي، جنهن پل اوهان پنهنجي اندر جي ٻولي ٻُڌڻ جي سگھ حاصل ڪري ورتي، يقين مڃيو اهو ڏينهن اوهان جي امرتا جو ڏينهن هوندو ۽ ڪائنات جا سڀئي لڪل پهلو اوهان اڳيان نروار ٿي ويندا.

هر نئين ڏينهن پنهنجي زندگيءَ ۾ شعوري توڙي لاشعوري طور تي اسان کوڙ سارن تجربن مان گذرندا آهيون. انهن ۾ ڪجھ تجربا اهڙا به هوندا آهن. جن جي چونڊ ۾ اسان جو ذاتي عمل دخل شامل هوندو آهي. سنڌي ادب جي هڪڙي روشن ستاري جو ناول ڇپيو. ان جو خيال هو ته آئون سندس نئين ناول تي پنهنجو تفصيلي رايو ڏيان. اتفاق سان ٿيو ائين ته مون سندس ناول تي هڪڙو جامع ۽ مفصل رايو لکيو، جيڪو هڪ سنڌي رسالي ڏانهن پڻ موڪليم. انهن ڇاپڻ ۾ دير ئي نه ڪئي. اهو رايو جڏهن ناول نگار جي نظرن مان گذريو ته کيس ڏاڍو پسند آيو ۽ اُن منهنجا ٿورا مڃيا. جنهن وقت اُن ناول نگار جو ٿوري مڃڻ وارو پيغام مون کي موصول ٿيو ته مون کان هڪ وڏو ٽهڪ نڪري ويو. اهو ٽهڪ اڃا تائين منهنجي وجود اندر ڪنهن وڏي سڏ ۽ پڙاڏي جيان گونجي رهيو آهي. آئون حيران آهيان ته واقعي اهو ناول ڪيڏو نه شاندار هوندو، جنهن کي پڙهڻ کانسواءِ ئي مون ان تي پنهنجو مفصل رايو لکيو ۽ اهو ليکڪ کي پسند اچڻ سان گڏ رسالي جي مصروف ترين صفحن ۾ جاءِ والارڻ ۾ پڻ ڪامياب ويو. منهنجي زندگيءَ جو هي تجربو منهنجي پسند هو. جيڪو شروعات ۾ ڏکيو نظر اچڻ کانپوءِ به منهنجي لاءِ وڏي سهل پيدا ڪري ويو.

دنيا اندر جيڪي به لفظ انساني چپن جي حرڪت کان پوءِ جنم وٺن ٿا. انهن لفظن ۾ سڀني کان وڌيڪ وزني ۽ ڳرو لفظ “موت” آهي. هي اهو لفظ آهي، جنهن کي گونگا ڪونه اُچاري سگهندا آهن ۽ ٻوڙا ٻُڌي نه سگهندا آهن. تنهن هوندي به هر گونگو ماڻهو، ڍور ڍڳو ۽ پکي انهيءَ لفظ جي وزن جي ڀلي ڀت ڄاڻ رکي ٿو. انهيءَ جي ڀيٽ ۾ لفظ “زندگي” جيتوڻيڪ اهڙو نفيس، سرور ڏيندڙ تلفظ آهي، جنهن جون گهڻيون ئي معنائون آهن. هر هڪ معنيٰ مان وري اڻ کُٽ ٻيون معنائون دريافت ٿينديون آهن. اوهان ڀلي پاڻ کي ڪاغذي اصولن، ظاهري ڏيکاءُ ۽ خيالن جي انتشار کان پاسيرو رکندا اچو، تنهن هوندي به اوهان جو ذهن اوهان کي ڪنهن غير متوقع وقت ۾ اهڙي جاءِ تي وٺي ويندو، جنهن جاءِ جو تصور ڪنهن به مذهب، ڪنهن به نظريي يا ڪنهن به فلسفي ۾ اڄ ڏينهن تائين بيان ڪونه ڪيو ويو آهي. انسان جي پيدا ٿيڻ جو اصل مقصد جيڪو پهريان طئي ڪيو ويو هو، اهو اڃا تائين ڳُجهو رکيل آهي. جيڪي ڳالهيون بيان ٿيل آهن. اهي اڻ پوريون ۽ وزن دار ڪونهن. اسان جي آس پاس نظر ايندڙ جيڪي آواز موجود آهن، انهن جي دم سان ئي اسان زنده آهيون. ساھ کڻون ٿا. گهمون ڦرون ٿا. ڪم ڪار ڪريون ٿا. انهن سمورن آوازن کي جيڪڏهن هڪڙي منٽ لاءِ به بند ڪيو وڃي ته هن ڪائنات جو توازن خراب ٿي پوندو ۽ اُها تباھ ٿيڻ ۾ گهڻو وقت ڪونه لڳائيندي. اندر جي سازن سان انهن ٻاهرين آوازن جو پراڻو تعلق آهي. جڏهن اظهار جا سڀئي در بند ٿي ويندا آهن ته اداس لفظ ڳوڙهن جو روپ وٺي اکين مان جاري ٿيڻ شروع ٿيندا آهن. انسانيت جي ٻوليءَ کي مايوسيءَ جو اهو پهر صدين کان ساڙي رهيو آهي. ماڻهو ڪيڏو نه بي وس آهي، جو اظهار جي موقعي کان محروم ٿي وڃڻ کانپوءِ، پنهنجو هوش وڃائي ويهندو آهي. انهيءَ ڳولها ۾ لفظن جي تشريح ڪرڻ جو ٺيڪو پنهنجي ڪلهن تي کڻندي صدين تائين پنڌ ڪرڻ ۾ جنبي وڃڻ کي پنهنجي لاءِ نجات سمجهندو آهي. هي هڪ بي نام مسافري آهي، جنهن کي ڪو به سهڻو، ٺهڪندڙ ۽ قد آور نالو نه ٿو ڏئي سگهجي. هن جو ڪو به نالو اڃا تائين وجود ۾ آيو ئي ڪونهي. هزارين سوال انهيءَ پنڌ ۾ پيرن هيٺان اچي لتاڙجي وڃن ٿا. لفظ جو رقص ڪائنات جي هر هڪ ننڍي توڙي وڏي ڇيڙي ۾ روز ازل کان جاري آهي. پاڻ اکيون ٻوٽي ڇڏيون يا وري اکيون کولي ڇڏيون، لفظن جو تقدس پائمال ٿيندو رهندو ۽ انهيءَ معاملي کي سمجهڻ جهڙوڪ بکايل فقير کي عقل جي زڪوات ڏيڻ آهي.

ڪجھ ڏينهن پهرين هڪڙو ننڍڙو پر معنيٰ خيز مضمون نظرن مان گذريو، جنهن ۾ لکيل هو ته، ”مسافرن سان ڀريل هڪ جهاز ڪِري تباھ ٿيو، جهاز ۾ سوار سڀئي مسافر فوت ٿي ويا، سواءِ هڪ ڀولڙي جي. جهاز سان پيش آيل حادثي جي تحقيق شروع ٿي. بليڪ باڪس مان جيڪا معلومات ملي، ان مان انهيءَ ڳالھ جو پتو نه پئجي سگهيو ته جهاز ڇو تباھ ٿيو. گهڻي ڊڪ ڊوڙ کان پوءِ ماهر انهيءَ نتيجي ته پهتا ته ڀولڙي کي اهڙي تربيت (Training) ڏجي جو اهو جهاز سان پيش آيل حادثي ۾ تحقيقاتي ڪميٽي جي مدد ڪري سگهي. آخرڪار ڪجھ ڏينهن جي مٿي ماريءَ کان پوءِ ڀولڙو انهيءَ قابل ٿي ويو جو ڪنهن به سوال جو جواب اشارن جي وسيلي ڏئي سگهيو ٿي. تحقيقاتي ڪميٽي جي اڳيان ڀولڙي کي پيش ڪيو ويو. هڪڙي آفيسر پنهنجي تحقيق جي شروعات ڪندي اشارن سان ڀولڙي کان پڇيو ته، “جنهن وقت جهاز تباھ ٿيو، ان وقت مسافر ڇا ڪري رهيا هيا؟” اشارن ۾ جواب مليو ته؛ “ڪجھ پاڻ ۾ ڳالهائي رهيا هئا، ڪجھ رسالا پڙهي رهيا هئا ۽ ڪجھ آرام ڪري رهيا هئا”. جواب کانپوءِ تحقيقاتي ڪميٽي جي ميمبرن جا حوصلا بلند ٿيڻ لڳا. ڀولڙي کان ٻيو سوال اهو ٿيو ته؛ “جهاز جي تباھ ٿيڻ مهل ائئرهوسٽس ڇا ڪري رهيون هيون؟” جواب مليو ته؛ “ميڪ اپ ۾ مصروف هيون”. تحقيقاتي ڪميٽيءَ جا ميمبر هڪٻئي کي معنيٰ خيز نظرن سان تڪڻ لڳا. اڳيون سوال اهو هو ته؛ “جهاز تباھ ٿيڻ مهل پائليٽ ڇا ڪري رهيا هئا؟” جواب مليو؛ “اهي ننڊ ڪري رهيا هئا”. تحقيقاتي ڪميٽي جا ميمبر انهيءَ جواب تي حيران ٿيا. ٿوري دير کانپوءِ هڪ ٻيو سوال پڇيو ويو ته؛ “ڀلا جهاز جي تباھ ٿيڻ مهل اوهان ڇا ڪري رهيا هئا؟” انهيءَ سوال کان پوءِ ڀولڙي مُرڪندي وڏي فخريه انداز سان سامهون ٽيبل تي پيل عينڪ کڻي اکين تي رکندي چيو ته؛ “آئون ان وقت جهاز هلائي رهيو هئس”. هن ڀولڙي جيان اسان جي معاشري جا کوڙ سارا ماڻهو پنهنجي گهرن کي جهاز سمجهي هلائي رهيا آهن ۽ اُهي انهيءَ فڪر کان مڪمل طور تي لاتعلق آهن ته انهن جو گهر تباھ ٿي رهيو آهي يا نه؟