ٻولي، سماج، سياست ۽ معيشت کان الڳ ناهي

0
306
ٻولي، سماج، سياست ۽ معيشت کان الڳ ناهي

   چيو وڃي ٿو ته تاريخ کان اڳ جي دور ۾ ڏھه کان پندرنهن هزار ٻوليون هيون. دنيا ۾ اڄ به ست هزارن کان وڌ ٻوليون موجود آهن. ڏکڻ ايشيا ۾ ست سئو کان وڌ ٻوليون وجود رکن ٿيون. پاڪستان ۾ ستر کان وڌ ٻوليون ڳالهايون وڃن ٿيون. تعليم، عدليه، انتظاميه، واپار، ميڊيا، ۽ ڪارپوريٽ سيڪٽر: هي سڀ رياستي اقتدار جا شعبا آهن. انهن ۾ نوڪري ڪرڻ لاءِ ماڻهو پنهنجي ٻارن کي انگريزي يا اقتدار سان سلهاڙيل ٻولين ۾ تعليم ڏين ٿا. ماڻهو نوڪرين لاءِ ۽ سماجي ۽ سياسي اقتدار لاءِ هڪ ٻولي کي ٻين ٻولين تي فوقيت ڏين ٿا.

ايئن ئي Language Shift ٿئي ٿي. ٻولي جي منتقلي ان صورت ۾ ٿئي ٿي جڏهن ان جا ڳالهائڻ وارا ٻي ٻولي ڳالهائڻ شروع ڪن ٿا. ٻوليون به ايئن مرن ٿيون. ٻولي تڏهن مري ويندي آهي، جڏهن ان جو آخري ڳالهائڻ وارو فرد مري ويندو آهي. درحقيقت ٻولين کي ماريو ويندو آهي. جڏهن رياست پاليسي تحت هڪ ٻولي جي سرپرستي ڪندي آهي، هڪ ٻولي ۾ تعليم ۽ روزگار ڏيڻ لاءِ ماحول جوڙيندي آهي يا حالتون پيدا ڪندي آهي ته جيئن ماڻهو پنهنجي ٻولين کان وڌيڪ رياست جي سرپرستي وارين ٻولين کي ترجيح ڏين. انگريزي، چيني، فرانسيسي، جرمن، عربي، هندي ۽ اردو جهڙيون ٻوليون ٻين ٻولين جي قيمت تي وڌي رهيون آهن. هڪ ٻولي جي قيمت تي ٻي ٻولي سيکارڻ جي عمل کي توو اسڪتنب ڪنگاس لساني سامراجيت (Linguistic Imperialism) جو حصو سڏي ٿي.

نيولبرل ورلڊ آڊر ۾ سرمايو رياستي حدن ۽ بارڊرن کان لنگهي چڪو آهي. معاشي، سماجي، ثقافتي، ۽ سياسي مقصدن خاطر ڪجھh حاڪم قومون يا رياستون پنهنجي ٻولي ٻين قومن تي مڙهن ٿيون. ورلڊ بينڪ، آءِ ايم ايف ۽ برٽش ڪائونسل جهڙن اداران لساني سامراجيت کي وڌايو آهي. ٽين دنيا جي ملڪن تي اهڙي لساني يلغار جاري آهي. رابرٽ فلپسن پنهنجي مضمون Language Policy and Linguistic Imperialism  ۾ لکي ٿو ته:

Linguistic Imperialism dovetails with communicative, cultural, educational, and scientific imperialism in a rapidly evolving world in which corporate-led globalization is seeking to impose or induce a neo-imperial world order. (p. 375)

ٻولي کي سماج کان، سياست کان ۽ معيشت کان الڳ نٿو ڪري سگهجي. ٻولي خيال جو اظهار هوندي آهي ته ٻولي ذهنيت به ٺاهي ٿي. نوآبادياتي سامراجيت جي هي ڪوشش هوندي آهي ته سرمائيدار طبقو سندس ٻولي ۽ ان جي استحصال پسند شڪل کي قبول ڪري.

سترهين صدي ۾ انگريزي ميڊيم آف انسٽرڪشن ڪري، فارسي کي بي دخل ڪيو ويو. انگريزي ٻولي جيتوڻيڪ شهري اسڪولن ۽ هائير ايجوڪيشن ۾ لاڳو ٿي، پر مقامي طور تي خاص ڪري ٻهراڙين جي اسڪولن ۾ گجراتي، بينگالي، پنجابي، تامل ٻولين ۾ تعليم ڏني ويندي هئي. انگريزي ميڊيم ذريعي يورپي ادب ۽ سائنس پڙهائڻ جو ارادو ڪيو ويو. 18 صدي ۾ آڪسفورڊ يونيورسٽي فارسي اسٽيڊيز جو شعبو کوليو ته جيئن مغل سلطنت جي انتظام کي سمجهي سگهجي. فارسي ٻولي مغل سلطنت جي نشاني هئي. تاج برطانيه فارسي ٻولي کي انتظامي معاملن مان بي دخل ڪرڻ کانپوءِ انگريزي ڪالونيل انتطامي ڪارونهوار جي ٻولي ٿي وئي. 1748ع کان ايسٽ انڊيا ڪمپني جون ٻولي بابت پاليسيون نرم هيون، ڇو جو ڪمپني جو مقصد آرام سان واپار ڪرڻ هو. ڪمپني جي مردن مقامي ٻوليون سکڻ، مقامي انڊين عورتن سان شاديون ڪرڻ، مقامي مذهب اپنائڻ جو ڪم به ڪندا رهيا.

انگريزن جي ٻولي جي تعليمي پاليسي جا ٻه رخ هئا. هڪ ته انگريزي تعليم صرف هڪ مخصوص اليٽ ڪلاس لاءِ هئي، ۽ عام لوڪ لاءِ اتان جي مقامي ٻولين Vernaculars ۾ تعليم ڏني ويندي هئي. ايئن انگريزي ميڊيم اسڪول ۽ مقامي ميڊيم اسڪول ٻه خاص طبقا پيدا ڪيا ۽ انهن جو ڪم به جدا هو. انگريزي ميڊيم اسڪولن مان نڪرندڙ طبقو سول سروسز ۾ داخل ٿيو ۽ برطانوي سرڪار سان به وفادار رهيو. انڊين نيشنل ڪانگريس جا بانيڪار به ميڪاولي جي ذهنيت جو عڪس هئا. اهي انگريزي ميڊيم اسڪول ۽ يونيورسٽيز ۾ پڙهيا هئا. 1835ع ۾ فارسي ٻولي جي سرڪاري حيثيت ختم ڪئي وئي.

اقتدار انگريزن وٽ آيو ۽ انهن انڊيا تي ضابطو آڻي ڇڏيو. فارسي مغل سلطنت ۾ سرڪاري ۽ اقتداري ڪاروهنوار جي ٻولي هئي. انگريزن فارسي کي هٽائي، انگريزي ٻولي لاڳو ڪئي. انگريزي ٻولي فارسي جي جاءِ والاري. سرڪاري طور اها ٻولي ميڪاولي منٽ 1835 ذريعي نافذ ٿي. ٻه فيبروري 1835ع ۾ ميڪاولي جي منٽ پاس ٿي، ٻه ٻوليائي Bilingualism جو بنياد وڌو ويو. (اها ڪالونيل ليگيسي 1947ع ۾ پاڪستان ٺهڻ کانپوءِ به اپنائي وئي.) ميڪاولي منٽ کان اڳ ۾ Orientalist ٻولي پاليسي برطانوي انڊيا ۾ رائج هئي. 1780ع کان 1835ع تائين، جنهن ۾ سنسڪرت، فارسي ۽ عربي تعليم م رائج هيون. 1835ع ۾ انگريزي عدليه ۽ تعليم جي ٻولي ٿي وئي. پر پنهنجي صورتن ۾ لساني سامراجيت ذريعي راج هو. فرق صرف ايترو هو ته سنسڪرت، عربي ۽ فارسي مقامي اشرافيه جون ٻوليون هيون، جڏهن ته انگريزي تاج برطانيه جي انتظاميه جي ٻولي هئي.

بيٺڪيت پسند انگريز جي سوچ هئي ته انگريزي ثقافت بهتر آهي ۽ عوام کي انگريزي ثقافت ۽ ٻولي اپنائڻ گهرجي. انگريز سرڪار جو مقصد هو ته انگريزي ثقافت متعارف ڪرائجي ۽ عوام کي “مهذب” ڪجي. ڪپلنگ (1899) ۾ پنهنجي هڪ نظم ۾ هندوستاني عوام کي مهذب بنائڻ کي White Man’s Burden يعني گورن جي مٿي جو سور چوي ٿو.

1837ع فارسي کي ڪورٽن مان بي دخل ڪيو ويو. ان کانپوءِ هندي اردو تضاد پيدا ڪري Divide and Rule جي حڪمت عملي جوڙي وئي. مسلم ليگ اردو کي مسلم اتحاد ۽ مسلم قومپرستي طور ورتو. اردو ۽ هندي ۾ تضاد ڳوليا ويا، حالانڪه تمام گهڻيون هڪجهڙايون هيون. اردو کي فارسي عربي اسڪرپٽ ۽ هندي کي ديوناگري اسڪرپٽ سان جوڙيو ويو. ووڊس ڊسپيچ 1854ع هڪ حڪمت عملي تشڪيل ڏني ته انگريزي ٻولي ۾ مغربي تعليم ڏني وڃي. انگريزي ميڊيم اسڪول جي جڙاءُ جو مقصد هو ته سماج کي مغربي آداب سيکاري سگهجن. انهي تعليم جو مقصد اهو به هو ته اهڙي اشرافيه تيار ڪجي جيڪا برطانوي سرڪار سان وفادار هجي. سول سروس ۾ نوڪريون به انهن کي ڏجن. انهن جي سليڪشن جو معيار انگريزي ٻولي جي مهارت تي رکيل هو. ان طرح انگريزي ٻولي اقتدار سان سلهاڙڻ جو ذريعو به ٿي پئي. اليٽ بيوروڪريسي ۾ نوڪري لاءِ انگريزي جي ضرورت هئي. نوڪريون ۽ ڪاروبار ان ٻولي تحت وڌڻ لڳا. ايئن علائقي تي معاشي اثر پيا.

ان ڪري ٻولي بابت پاليسي نه صرف تعليم ۾، پر سماجي ۽ معاشي ورهاست به پيدا ڪري ٿي، بلڪه طبقاتي تضاد به وڌائي ٿي. مابعد بيٺڪيت اڪثر رياستن جي سماج جي حالت ڪجھه اهڙي ئي آهي. تعليم ۾ ٻولي پاليسي بيٺڪيت جي ليگيسي آهي.  1847ع کانپوءِ تعليمي نظام کي انگريزي اسڪولن ۽ مقامي ٻولين جي اسڪولن ۾ ورهايو ويو. جيڪي به سرڪار جا وفادار هئا، انهن انگريزي اسڪولن تائين رسائي ڪئي وئي. راجا ۽ جاگيردار انگريز سرڪار جا وفادار هئا. ان سڄي نظام طبقاتي نظام کي ويتر سگهارو ڪيو. انگريزي اسڪولن ۾ انڊين اليٽ پيدا ٿيو، جيڪو نوڪرين ۾ ويو ۽ سرڪار جو به حصو ٿيو. اڄ به انگريزي ملٽري ۽ سول بيوروڪريسي ۾ داخل ٿيڻ جو پاسپورٽ آهي.

انگريزي ٻولي جو هڪ خاص طبقاتي ڪردار آهي. هن سماج ۾ علم جو عروج انگريزي سان منسوب ڪيو ويو آهي. مطلب ته جيڪو انگريزي ڄاڻي ٿو اهو حقيقي پڙهيل لکيل آهي. پر جي جائزو ورتو وڃي ته ڪيترائي اهڙا ماڻهو هوندا آهن جيڪي انگريزي ته سٺي ڄاڻن ٿا پر ذهني طور غلامي پسند ٿوڪا هوندا آهن. ان ڪري انگريزي ٻولي علم جو معراج ڪونهي. رياست طرفان انگريزي ٻولي جي پٺڀرائي دراصل هڪ اهڙو ڪلاس تيار ڪرڻ آهي، جيڪو گلوبل مارڪيٽ جي ڦهلاءُ ۾ مددگار ثابت ٿئي.

جيئن هينئر انگريزي نوڪري ۽ سماجي رتبي جو سرٽيفڪيٽ آهي ايئن فارسي گهوڙي چاڙسي بڻيل هئي، پر ايران جي فارسي کي ئي سٺي ٻولي سمجهيو ويندو هو. هندوستاني فارسي ٻولي تي چٿرون ڪندا هئا. سڪندر لوڌي جي زماني ۾ جڏهن ڪاسٿين فارسي سکي ته انهن کي چوندا هئا ته سندس لهجي ۾ گڏھ جي هينگ آهي. پروفيسر آربري امير خسرو جي فارسي شاعري تي تبصرو ڪندي کيس طوطي هند چيو هو. علامه اقبال ۽ مرزا غالب جي شاعري ۾ فارسي ٻولي جو استعمال گهڻو آهي، ان ڪري اها سمجهڻ ۾ ڏکي لڳي ٿي…(حصو ٻيو)