ٻه سال اڳ ٽرمپ کي چيو هو ته افغانستان ڇڏي ڏيو: اشرف غني جي دعويٰ

0
333

ڪراچي(م ڊ) افغاني صدر اشرف دعويٰ ڪئي آهي ته هن 2 سال اڳ امريڪا جي اڳوڻي صدر ڊونلڊ ٽرمپ کي چيو هو ته آمريڪا افغانتان ڇڏي هليو وڃي، پنهنجي هڪ بيان ۾ اشرف غني چيو آهي ته ملڪ ۾ موجوده تشدد جا ذميوار طالبان آهن، جنهن ۾ هر روز 2 سئو کان 6 سئو ماڻهو ماريا پيا وڃن، اشرف غني جو چوڻ آهي ته طالبان کان پڇڻ چاهيان ٿو ته هاڻي ڪنهن جي لاءِ وڙهي رهيا آهن ۽ هن سان ڪهڙو فائدو ٿيندو، خيال رهي ته هن کان اڳ طالبان دعويٰ ڪئي هئي ته هن افغانستان جي 85 سيڪڙو علائقن تي ڪنٽرول حاصل ڪري ورتو آهي..