نوابشاهه (بيورو رپورٽ) اڳوڻي صوبائي صلاحڪار اسماعيل ڏاھري جي ڀينرن مسمات فريده زال ساجد ڏاھري، مسمات حميده زال علي گوھر ڏاھري ۽ ابراهيم ڏاهري ڀائرن جي مبينا ظلمن، ملڪيتن تي قبضن ۽ سندن تي ڪوڙا ڪيس داخل ڪرڻ خلاف هري احتجاج ڪيو، هنن پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته علي رضا ڏاھري پنھنجي سڳين ڀينرن کي پرايون ڌيئرون قرار ڏئي ماءُ جي ٿڃ لڄائي آھي، ھنن چيو ته اسماعيل ڏاهري ۽ علي رضا ڏاھري ملڪيت جي حوس ۾ اچي ڀينرن ۽ ڀاءُ جي زمينن ۽ گھرن تي قبضا ڪيا آھن، ان موقعي تي حميده ڏاھري الزام هنيو ته مون پنهنجي ماروٽ شاھه محمد کان ٻن ورھين جي ڌيءُ نسيم ھنج ورتي هئي، جنهن کي نوجوان ڪيو ته سڳي ڀاءُ علي رضا ڏاھري زبردستي کيس اغوا ڪري ٻن سالن تائين لڄالٽ جو نشانو بڻايو، جنهن مان ڌيءُ نسرين کي ھڪ ناجائز پٽ شيراز پيدا ٿيو، فريده ڏاھري چيو ته گذريل ٻن سالن کان منھنجا ٻه پٽ، ھڪ نياڻي ۽ مڙس ساجن موت جي خوف کان علي رضا ڏاھري وٽ نوڪرن واري زندگي گذاري رھيا آھن، ابراھيم ڏاھري چيو ته ھٿياربندن منهنجي گهر تي چڙهائي ڪري پٽ کي اغوا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، هنن چيو ته اسان کي ڪو به نقصان پهتو ته ان جا ذميوار اسماعيل ڏاھري، علي رضا ڏاھري، علي گوھر ۽ سندن ساٿاري ھوندا، ھنن حڪومت کان انصاف فراهم ڪرڻ جي گهر ڪئي،