خانپور (ن پ ا)گھوٽڪي جي عدالت ۾ پسند پرڻو ڪندڙ ٻن فنڪارن وارٽ ميراڻي ۽ افسانا پروين هتي دانهيندي چيو ته هنن جڏهن کان پسند جو پرڻو ڪيو آهي، مائٽ جان جا ويري بڻجي ويا آهن، هنن چيو ته مائٽ جان کان مارڻ جون ڌمڪيون ڏئي رهيا آهن جنهن ڪري زندگي کي خطرو آهي، ناري چيو ته محمد خان بروھي مان مون کي 3 ٻار آھن، مڙس تنگ ڪندو ھو ۽ چوندو ھو ته ڪمائي کاراءِ، مان عورت ڪٿان ڪمائي هن کي کارايان، جنهن ڪري تنگ ٿي هن کان طلاق ورتي ۽ وارث ميراڻي سان ٻئي شادي ڪئي، هنن تحفظ فراهم ڪرڻ جو مطالبو ڪيو.