ٻن سالن کانپوءِ ڪوما مان اٿندڙ عورت جوابدار سڃاڻي ورتو

0
1022
ٻن سالن کانپوءِ ڪوما

ٽيڪساس (انٽرسٽنگ نيوز) ٻن سالن کانپوءِ ڪوما مان هوش ۾ ايندڙ عورت جوابدار کي سڃاڻي ورتو. امريڪا ۾ پيش ايندڙ هڪ ڊرامائي صورتحال ۾ تشدد ۽ قدم جي ارادي واري ڳجهارت ان وقت حل ٿي وئي جڏهن هڪ اسپتال مان پوليس کي فون آئي

پوليس آفيسر روس ميلنگر کي گذريل هفتي نيومارٽنس ويلي لانگ ٽرم ڪيئر سينٽر مان هڪ ڪال وصول ٿي جنهن ۾ چيو ويو ته جون 2020ع ۾ ڪنهن نامعلوم حملي ڪندڙ جي تشدد سبب ڪوما ۾ ويندڙ عورت وينڊا پامر هوش ۾ اچي وئي آهي جنهن کي ٻه سال اڳ ڪاٽيج ويلي ۾ هن جي گهر ۾ تشدد جو نشانو بڻايو ويو هو.

عورت جي هوش ۾ اچڻ بعد پوليس عورت وٽ پهتي، عورت وينڊا ٻڌايو ته هن کي جان سان مارڻ جي ڪوشش ڪندڙ هن جو ڀاءُ ِڊينيئل پامر آهي جنهن حملي کي قتل جي ڪوشش چئي سگهجي ٿو