سکر: ايس ايس پي سکر سنگهار ملڪ رابطو ڪرڻ تي پنهنجي اخبار کي ٻڌايو آهي ته افسوسناڪ واقعي ۾ ٻن ٻارڙن، ٽن عورتن سميت ڇهه قيمتي انساني جانيون ضايع ٿيون آهن، اطلاع ملڻ تي هو پنهنجي اڳواڻي ۾ بڪتربند گاڏين ۽ پوليس جي اٽالن سان گڏ سعيد آباد جي ڪچي پهچي گهر گهر سرچ آپريشن ڪري 20 کان وڌيڪ ماڻهن کي شڪ جي بنياد تي گرفتار ڪري ورتو آهي، علائقي ۾ رات جو دير تائين پوليس سرچ آپريشن وارو سلسلو جاري رکندي. جڏهن ته امڪاني خونريزي کي روڪڻ لاءِ پوليس سعيد آباد ويجهو پوليس پڪٽ به قائم ڪئي وئي آهي.ايس ايس پي سکر سنگهار ملڪ جو چوڻ هو ته ڪنهن کي به قانون هٿ ۾ کڻڻ جي اجازت نه ڏني ويندي.