ٻانڌي (ن پ ا) آمرجي شاخ ۾ پاڻي کوٽ ۽ واٽرڪورس بند ڪرڻ خلاف آمرجي شاخ جي سوين آبادگارن  سيد فخر  عباس شاھ، جمن جمالي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾  ٻانڌي_ مورو روڊ تي احتجاجي مظاھرو ڪري ڌرڻو هنيو،  ايريگيشن عملدارن خلاف سخت نعري بازي، ان موقعي تي اڳواڻن دانھيندي چيو ته آمرجي شاخ ۾ زرعي پاڻي جي ھٿرادو کوٽ ڄاڻائي اسان جا واٽرڪورس ايريگيشن عملي بند ڪري ڇڏيا آھن، هنن الزام هنيو ته گذريل رات ايس ڊي او ايريگشن ۽ دارغي، بيلدارن واٽر ڪورس تي بيٺل آبادگارن مٿان فائرنگ ڪئي آھي، جيڪو عمل مذمت جوڳو آھي، آبادگارن وڌيڪ چيو ته  آمرجي شاخ جا ارڙنھن واٽر ڪورس بند ھجڻ سبب ھزارين ايڪڙن تي پوڪيل اسان جا مختلف فصل  سڙي تباھ ٿي رھيا آھن،هنن مطالبو ڪيو ته  اسانجا واٽر ڪورس کوليا وڃن.