ٻانڌي (رپورٽ: طالب حسين) ٻانڌي ويجهو پلاٽ جي معاملي تان ننڍي ڀاءُ ھٿان گهر ٻاهران ننڊ ستل وڏو ڀاءُ قتل، ڪيس داخل، جوابدار گرفتار نه ٿيو، خبر موجب ڳوٺ علي بخش جمالي ڀرسان شادي شدھ  نوجوان عارف جمالي کي ننڍي ڀاءُ نادر جمالي مٿي ۾ گولي ھڻي قتل ڪري فرار  ٿي ويو، اطلاع تي ٻانڌي پوليس واقعي واري هنڌ پهچي مقتول نوجوان جو لاش دوڙ اسپتال منتقل ڪيو، جتان ضروري ڪارروائي بعد مڙهه وارثن حوالي ڪيو ويو، مقتول نوجوان جي گھرواري زرينا بروھي ۽ مقتول جي امڙ صاحبه چيو ته پلاٽ جي معاملي تان نادر ۽ سندن ماسات اڪرم گھر ٻاھران ستل عارف جمالي کي پستول جو فائر ڪري قتل ڪري ڇڏيو، ھنن چيو ته اسان سان وڏو ظلم ٿيو آھي، پوليس جوابدارن کي گرفتار ڪري انصاف ڏياري، ٻانڌي ٿاڻي تي واقعي جو ڪيس  مقتول نوجوان جي زال زرينا بروھي جي فرياد تي نادر جمالي، اڪرم جمالي ۽ ٻن نامعلوم ماڻھن مٿان داخل ڪيو ويو آھي، جڏھن ته پوليس جوابدارن کي گرفتار نه ڪري سگهي هئي،