ٻانهن کان محروم نوجوان دنيا جو پهريون پروفيشنل اسپورٽس ڪار ڊرائيور بڻجي ويو

0
276

وارسا (دلچسپ نيوز) ٻانهن کان محروم نوجوان دنيا جو پهريون پروفيشنل اسپورٽس ڪار ڊرائيور بڻجي ويو. پرڏيهي خابرو اداري جي رپورٽ موجب پولينڊ واسي بارٽڪ اوستالوسڪي 2006 ۾ حادثي سبب ٻنهي ٻانهن کان محروم بڻجي ويو هو ان وقت سندس عمر فقط 20 سال هئي. ٻنهي هٿن ۽ ٻانهن کان محروم ٿيڻ باوجود هن پنهنجي ڊرائيونگ واري شوق کي نه ڇڏيو

بارٽڪ اوستالوسڪي همت جاري رکي جنهن سبب پيرن سان ڪار ڊرائيو ڪندي ڪندي پروفيشنل اسپورٽس ڊرائيور جو اعزاز پڻ ماڻي ورتو آهي.نوجوان 2019 ۾ پولش ڊرافٽ چيئمپين شپ ۾ 50 ڊرائيورن مان نائين پوزيشن ماڻي هئي جڏهن ته  هلندڙ سال عالمي چيڪ ڊرافٽ سيريز کٽي پروفيشنل اسپورٽس ڪار ڊرائيور بڻجي ويو. بارٽڪ اوستالوسڪي جو چوڻ آهي ته هن پنهنجي گاڏي ۾ ڪجهه تبديليون ڪيون آهن جنهن سبب هو انکي پيرن جي مدد سان آساني سان هلائي سگهي ٿو.