ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ صوبي ۾ ٻارڙين سان جنسي ڏاڍائي وارن واقعن خلاف اينٽي ريپ ٽرائل اينڊ انويسٽيگيشن ايڪٽ 2021ع تي عملدرآمد ڪرائڻ بابت تڪڙي ٻڌڻي لاءِ داخل ڪيل درخواست تي وزيراعظم جي پرنسپل سيڪريٽري، قانون واري وفاقي سيڪريٽري، وفاقي گهرو سيڪريٽري، سنڌ جي چيف سيڪريٽري، آءِ جي سنڌ، سنڌ جي قانون واري سيڪريٽري ۽ ڊي جي نادرا کي نوٽيس جاري ڪري 16 آگسٽ تي جواب طلب ڪري ورتو، ڪالهه ٻڌڻي دوران درخواست گذار ايڊووڪيٽ طارق منصور موقف اختيار ڪيو ته تازو مختلف علائقن ۾ افسوسناڪ واقعا پيش آيا آهن، گينگ ريپ ٽرائل لاءِ قانون جڙيو پر ان تي عملدرآمد نه ٿي رهيو آهي، جنهن سبب جنسي ڏاڍائي جا ڪيس متاثر ٿي رهيا آهن، عدالت کي استدعا آهي ته واقعن کي روڪڻ ۽ شفاف ٽرائل کي يقيني بڻائڻ جي هدايت ڪئي وڃي. عدالت وزيراعظم جي پرنسپل سيڪريٽري ۽ قانون واري وفاقي سيڪريٽري کان جواب طلب ڪري ورتو، عدالت وفاقي گهرو سيڪريٽري ۽ سنڌ جي چيف سيڪريٽري کي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا.  عدالت پوليس عملدارن کي پڻ ايندڙ ٻڌڻي تي هر صورت ۾ جواب داخل ڪرائڻ جو حڪم ڏنو آهي