”ٻارن کي گاڏي هلائڻ جي اجازت ڪيئن ڏني؟“ ڪراچي ۾ والدين خلاف ڪارروائي شروع

0
379
والدين خلاف ڪارروائي شروع
”ٻارن کي گاڏي هلائڻ جي اجازت ڪيئن ڏني؟“ ڪراچي ۾ والدين خلاف ڪارروائي شروع

ڪراچي: ڪراچي ۾ ٽريفڪ پوليس پاران ٻارن کي گاڏي هلائڻ جي اجازت ڏيڻ تي والدين خلاف ڪارروائي شروع ڪئي وئي آهي. ٽريفڪ پوليس ٽن ڏينهن دوران 553 والدين کي چالان ڪري 5 لک 53 هزار ڏنڊ وصول ڪيو. ٽريفڪ پوليس ترجمان موجب گاڏي هلائيندڙ 1475 ٻارن کي به چالان ڪيو، 7 لک37 هزار500 رپيا ڏنڊ وصول ڪيو ويو، 1417 گاڏيون به ضبط ڪيون ويون آهن.