لنڊن (دلچسپ نيوز) ٻارن جي لاءِ دنيا جو پهريون اسمارٽ فون تيار ڪيو ويو. موبائل رکندڙ ٻار هر وقت والدين جي پهچ ۾ رهندو.پرڏيهي ميڊيا جي رپورٽن موجب ٻارن جي لاءِ تيارڪيل اسمارٽ فون(نووس) هڪ ئي وقت ۾ اسمارٽ فون، اسمارٽ واچ ۽ مصنوعي ذهانت وارو اسپيڪر بڻجي ويندو آهي. هي فور جي نيٽ ورڪ کي به سپورٽ ڪندو آهي. جڏهن ته وڊيو ڪال، آڊيو ڪال، اسمارٽ ميسجنگ جي سهوليت به موجود آهي. هن فون جي اهم ڳالهه اها آهي ته هن کي ننڍن هٿن جي لاءِ ڊيزائن ڪيو ويو آهي ۽ ان جي بيٽري روايتي فون جي مقابلي ۾ 3 ڀيرا وڌيڪ ڪم ڪندي آهي.ٻارن جي لاءِ ڊيزائن ڪيل هن فون ۾ والدين طرفان لڳايل لاڪ ۽ پابندين جي سهوليت موجود آهي ۽ هن فون کي ڳولا ڪرڻ جي لاءِ ڪيترائي آپشن ڏنا ويا آهن. ڪمپني دعويٰ ڪئي آهي ته نووس ٻارن کي ورزش جي ترغيب ڏيندو آهي ۽ ڪنهن به مدد جي صورت ۾ هي صرف هڪ بٽڻ جي دٻائڻ سان هي والدين کي مدد جي لاءِ سڏي سگهي ٿو. ان کان علاوه هي فون گهريلو پوڊ ۾ لڳائي اي آءِ اسپيڪر ۽ گوگل اسسٽنٽ جو ڪم به ڪندو آهي. ان جو سڀني کان دلچسپ پهلو اهو آهي ته فون کولي ان جي اسڪرين ڪڍي ۽ پتو ٻڌي ان کي اسمارٽ واچ جي طور تي استعمال ڪري سگهجي ٿو.فون جو خاص نظام هر وقت ٻار جي لوڪيشن نوٽ ڪندو رهندو آهي ۽ جيڪڏهن ٻار ڪنهن اڻڄاڻ رستي تي هليو ويندو آهي ته ان جي اطلاع والدين کي به ڏيندو آهي پر هن فون جي اسڪرين ننڍي ۽ ٽچ جي قابل ناهي جيڪڏهن ٻار واچ ۾ لڳائي بٽڻ 3 ڀيرا دٻائيندو ته هو مدد يعني ايس او ايس جو پيغام بڻجي والدين تائين پهچي ويندو.