ٻارن جا انساني، آئيني ۽ قانوني حق 

0
256
ايڪتا ڏھاڙي جا منظر، سنڌ جون نيون اميدون

ڪجھه ڏينھن اڳ ٻارن جي حوالي سان ميڊيا تي حيرت ناڪ خبرون پڙھڻ لاءِ مليون ميڊيا جي خبرن موجب پاڪستان ۾ ھر سال پنج لک ٻار جنسي زيادتين جو شڪار ٿين ٿا جن ۾ زيادتين جا اڪثر ڪيس منظر عام تي پڻ نٿا اچن يا اھي ڪيس رپورٽ  نٿا ٿين  يا وري اھي ڪيس اتي دٻجي وڃن ٿا.زيادتين جو شڪار ٿيندڙ ٻارن ۾ ڇوڪرا ۽ ڇوڪريون ٻئي شامل آھن جنسي زيادتين جو شڪار ٿيندڙ انھن ٻارن  جا انگ اکر  ميڊيا تي اچي رھيا آھن اھي تمام گھڻو ڀوائتا آھن .انھي کان علاوه پاڪستان ۾ 46 لک ٻار اھڙا آھن جن جون ننڍي عمر يعني 15 سالن کان گھٽ عمر۾ شاديون ٿين ٿيون. جڏھن ته سنڌ ۾ٻوڏ سبب  لڳ ڀڳ 20 لک ٻار متاثر ٿيا  آھن .متاثر ٿيندڙ ٻارن ۾ 46 سيڪڙو نياڻيون آھن انھي کان علاوه سنڌ ۾ ھر مھيني ٻارن جي اغوا ۽ قتل جي واقعن ۾ ڏينھون ڏينھن واڌ اچي رھي آھي .اھڙي ريت سنڌ سميت پاڪستان  جي مختلف خطن ۾ ٻارن جي انساني آئيني  قانوني حقن جو  استحصال جاري آھي .

                 ٻارجيڪي ڪائنات جو حسن آهن انھن ٻارن جي ڪري ته پوپٽن جا رنگ وکرن ٿاپيا.جيڪو ماڻهو ٻارن سان محبت ڪري ٿو، اهو سڄي ڪائنات سان محبت ڪري ٿودنيا ۾ ڪو ورلي سنگدل ماڻهو هوندو جيڪو معصوم ٻارن سان محبت نه ڪندو هجي ٻار ته گهر جي سونهن هوندا آهن ۽اجھو  20 نومبر تي سموري دنيا ۾ ٻارڙن جي حقن جوعالمي ڏينهن  پڻ ملهايو ويندو تڏهن دنيا جي مختلف خطن جيان سنڌ ۾ پڻ انهي ڏهاڙي تي مختلف سماجي تنظيمن پاران ريليون ڪڍي سيمينار ڪوٺائي ٻارڙن جو عالمي ڏينهن ملهايوويندو ۽ انهي ڏهاڙي جي مناسبت سان ٻارڙن جي حقن تي ڳالهايو ويندو، اها هڪ حقيقت آهي ته سنڌ جا لکين معصوم ٻار اڄ به پنهنجن انساني، آئيني ۽ قانوني حقن کان محروم آهن، غربت، بک، بدحالي، بيماري ۽ جبري پورهيي سبب سنڌ ۾ لکين معصوم ٻار عذاب ڀري زندگي گذارين ٿا. سنڌ ۾ ٻوڏ کان پوءِ معصوم ٻارن جي ڀوڳنائن ۾ اضافو ٿيو آھي . توهان سنڌ جي هر واهڻ وستي جو جائزو وٺي ڏسو ته توهان کي معصوم ٻارن جي لاءِ هي ڌرتي ٽامو نظر ايندي سنڌ ۾ ڀنگ عيوض ٻارن جو اغوا ٿيڻ ۽ معصوم ٻارن سان جنسي تشدد ٿيڻ وارا واقعا هر روز اخبارن جي سرخين جو حصو بڻيل هوندا آهن معصوم ٻارن سان ٿيندڙ زيادتين جي واقعن ۾ ڏينهون ڏينهن واڌ اچي رهي آهي. ھن سال جنوري کان آڪٽوبر تائين سنڌ۾  ٻارن جي گم ٿيڻ جاڪيترائي  واقعا رپورٽ ٿيا آهن ۽ سنڌ ۾ٻارن سان  جنسي زيادتين جا 930واقعا  رپورٽ ٿيا آهن جڏهن ته گذريل ٽن مھينن دوران سنڌ ۾ ٻارن جي اغوا ۽ زيادتي جي واقعن ۾ خطرناڪ حد تائين واڌ ٿي آهي. اسان وٽ انساني حقن جي لتاڙ معمول تي بڻيل آھي . اھوئي سبب آھي جو اسان وٽ ٻار محفوظ ناھن ۽ اھي ٻار  قتل پڻ ٿيندا رھيا آھن. سنڌ جو ٻار جتي هو سماجي بي حسي ۽ وحشت جو شڪار ٿئي ٿو ته اُتي هو بک، بدحالي، بيماري جو درد پڻ ڀوڳي ٿو. سنڌ ۾ غربت سبب ڪيترائي معصوم ٻار توهان کي جبري پورهيو ڪندي نظر ايندا، هزارين ٻار هوٽلن ۾ بيراگري ڪندي نظر ايندا، سنڌ ۾ ڪيترائي اهڙا به ٻار آهن جيڪي توهان کي مال چاريندي به نظر ايندا، جيڪي ٻار هوٽلن، گيريجن، قالينن جي ڪارخانن يا ٻين هنڌن تي جبري پورهيو ڪن ٿا، انهن جون عمريون 5 کان 15 سالن جي وچ واريون آهن. سنڌ ۾ غربت، بک ۽ بدحالي جو عالم اهو به آهي جو ڪيترائي انگ اگھاڙا معصوم ٻارتوهان کي پنندي به نظر ايندا. سنڌ ۾ غربت ۽ خراب معاشي صورتحال جي سبب سنڌ ۾ اڪثر ٻارن جي صحيح پالنا نه ٿي ٿئي صحيح پرورش نه ٿيڻ ڪري ٻار ڄمڻ شرط مختلف بيمارين ۾ وڪوڙجي وڃن ٿا.غذايت جي کوٽ، بک، بدحالي، مختلف بيمارين سبب سنڌ  جي اسپتالن ۾ ھر سال لکين ٻار موت جو شڪار بڻجي وڃن ٿا. ٿر ۾  غذايت جي کوٽ سبب ۽ ٻين مختلف بيمارين جي ڪري  ھر سال سوين معصوم ٻارن کي موت جو راڪاس ڳڙڪائي ويندو آھي  .سنڌ جي ٻارن سان وڏي ۾ وڏو الميو اهو آهي جو سنڌ جا ڪيترائي ٻار تعليم جهڙي زيور کان به محروم آهن. غربت سبب ڪيترائي والدين پنهنجي ٻارن کي تعليم پڻ نه ٿا ڏياري سگهن. پاڪستان ۾ ھن وقت 22.8 ملين اسڪول جي عمر جا ٻار اسڪول کان ٻاھر آهن انھن ۾  گهڻو تعداد سنڌ جي ٻارن جو آهي.  تازو ٻوڏ سبب سنڌ جا 20 لک ٻار متاثر ٿيا آھن انھن جي تعليم پڻ متاثر ٿي آھي .سنڌ ۾ ھڪ ته ٻوڏ جي صورتحال سبب ٻارن جي تعليم متاثر ٿي ٻيو ته سنڌ ۾ ٻارن جي ڊراپ آئوٽ جي شرح  ٻين صوبن جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ آھي سنڌ ۾ 77 سيڪڙو ٻار پرائمري کان پوءِ ڊراپ آئوٽ ٿي وڃن ٿا اھي اڳتي ھلي پڙھي نٿا سگھن. اتر سنڌ ۾  وري قبائلي جهيڙن (برادري تڪرارن) جو درد پڻ معصوم ٻار ڀوڳين ٿا وڏڙن جي هلندڙ دشمنين جو شڪار پڻ معصوم ٻار ٿين ٿا برادرين جي تڪرارن جي نتيجي ۾ انهن ٻارن جي تعليم پڻ متاثر  ٿئي ٿي پر ان تي ڪوبه ڌيان ڏيڻ لاءِ تيار ڪونھي. اهڙي ساڳي ريت ٿر ۾ غربت سبب ڪيترائي والدين پنهنجي ٻارن کي قالين جي ڪارخانن ۾ داخل ڪرائيندا آهن  اھو سلسلو اڄ به ھلندڙ آھي. هڪ سروي موجب ٿرپارڪر ضلعي ۾ 25000 معصوم ٻار قالين جي ڪارخانن ۾ ڪم ڪن ٿا. پر قالين جي ڪارخانن ۾ ڪندڙ ٻارن جي مستقبل تي ڪوبه سنجيده ٿي سوچڻ لاءِ تيار ناھي قالين جي ڪارخانن ۾ ڪم ڪندڙ اُهي ٻار ٽي. بي جي مرض ۾ مبتلاٿي وڃن ٿا. مسلسل ويهڪ جي ڪري انهن معصوم ٻارن جي ڪرنگهي جي هڏي  پڻ ڪمزور ٿي ويندي آهي، ٻارن ۾ ويهڪ جي ڪري اريڪسنا نالي هڪ بيماري پڻ پيدا ٿيندي آهي. قالين جي ڪارخانن ۾ ڪم ڪندڙ ٻارن ۾ گوڏن ۽ سنڌن جي سُور جون بيماريون پڻ عام جام هونديون آهن. قالين جي ڪارخانن، هوٽلن، گئريجن ۾ ڪم ڪندڙ ٻارن سان غير انساني سلوڪ پڻ ڪيو ويندو آهي.اھڙي ريت سنڌ جا معصوم ٻار اڄ به  انساني حقن جي عالمي پڌرنامي جي قانون موجب پنهنجن بنيادي حقن کان محروم آهن. بنيادي سوال هي آهي ته ٻارن جي حقن لاءِ سرڪاري سطح تي جيڪي ادارا ڪم ڪن پيا يا ٻارن جي حقن لاءِ جيڪي اين جي اوز ڪم ڪن پيون، انهن معصوم ٻارن لاءِ هيل تائين ڇا ڪجهھ ڪيو آهي؟ ٻارن جي حقن لاءِ ڪم ڪندڙ اين جي اوز ھن وقت تائين ٻارن کي ڪھڙا حق ڏياري سگھيون آھن ؟ ٻارن  جي حقن لاءِ جوڙيل سرڪاري توڙي غير سرڪاري ادارن جو عملي ڪم  ڇا ڪٿي نظر اچي ٿو  ؟منھنجي خيال موجب ٻارن جي نالي انهن سماجي  تنظيمن ءادارن جو ڪارج صرف ڪاغذن تائين محدود آهي. ٻارن جي حقن تي ڪم ڪندڙ تنظيمن جي اڳواڻن جو اسٽيٽس ته بدليو آھي پر سنڌ جي ٻارن  جو  حال اڃان به ساڳيو آھي اڪثر ڪري مون ايئن ڏٺو آهي ته ٻارن جي عالمي ڏهاڙي جي موقعي تي مختلف اين جي اوز  وڏين وڏين هوٽلن ۾ ورڪشاپ ۽ سيمينار ڪوٺائي مختلف پروگرام منعقد ڪنديون آھن ۽ فوٽو سيشن ڪري ڪاغذي ڪارروايون مڪمل ڪيون وينديون آهن انهن سيمينارن ۾ ٻارن جي حقن جي تحفظ متعلق وڏيون وڏيون تقريرون ڪيون وينديون آهن، وڏا وڏا بحث ڪيا ويندا آهن پر سڄي سال ۾ ڪو کڙتيل نه نڪرندو آهي. حقيقت اها آهي جو هوٽلن، گئريجن، ڪارخانن ۾ ٻارن سان جنسي واقعا ٿيڻ ۽ سماج ۾ جنم وٺندڙ سماجي مسئلن تي ڪي به ذميوار ڌريون ڌيان ڏيڻ لاءِ تيار ناهن. ٻارن سان ٿيندڙ جنسي تشدد ۽ اغوا جي وارداتن  ۾ جيڪو اضافو ٿي رھيو آھي انھي کي روڪڻ لاءِ  رياستي قانون کي پنھنجو ڪردار ادا ڪرڻ گھرجي. ھن وقت ٻارن سان جنسي زيادتين جا جيڪي انگ اکر سامھون آيا آھن اھي ڏاڍا ڀيانڪ آھن  اھڙن واقعن کي روڪڻ لاءِ شعوري سجاڳي جي ضرورت  آھي ٻارن جي حقن لاءِ ڪم ڪندڙ سماجي تنظيمن کي  ٻارن کي حق ڏيارڻ لاءِ عملي طور تي ڪردار ادا ڪرڻ  جي ضرورت آھي. معصوم ٻارن کي حق ڏيڻ لاءِ رياست کي به پنهنجون ذميواريون ادا ڪرڻ گهرجن.پاڪستان جي مختلف علائقن سميت  سنڌ جا ٻار پڻ پنھنجا انساني آئيني ۽ قانوني حق گھرن ٿا رياست جي به اها ذميواري آهي ته هو ٻارن کي بهتر تعليم، صحت ۽ تفريح جون گھربل سهولتون مهيا ڪري ڏئي. ننڍي عمر ۾ ٻارن جي شادي ٿيڻ تي به ڌيان ڏيڻ جي ضرورت آھي  ننڍي عمر ۾ شاديون ڪرڻ واري عمل خلاف  رياست پنھنجو ڪردار ادا ڪري. 18 سالن کان گھٽ عمر ۾ شاديون ڪرڻ قانوني ڏوھه پڻ آھي ننڍي  عمر ۾ شاديون ڪرڻ  واري عمل خلاف اسيمبلين ۾قانون پڻ پاس ٿيل آھن انھن قانونن تي عمل ٿيڻ گھرجي ۽ ذميوار ڌرين خلاف قانوني ڪارروايون ٿيڻ گھرجن . اچو ته سماج ۾ اسان معصوم ٻارن جي درد کي محسوس ڪريون، انهن جي تعليم، صحت ۽ تربيت جو خيال ڪيون انگ اگھاڙن پنندڙ ٻارن ۽ جبري پورهيو ڪندڙ ٻارن جو ڀرجهلو ٿيون. ٻارن جي حقن جي تحفظ لاءِ سنڌ جي مختلف ضلعن ۾ جيڪي وجيلينس ڪاميٽيون جوڙيل آھن انھن  کي سرگرم ڪرڻ جي ضرورت آهي. ضرورت ان ڳالهه جي به آهي ته سنڌ ۾ ٻارن جي حقن جي تحفظ لاءِ هڪ “ٽاسڪ فورس” جوڙڻ گھرجي جنهن جون شاخون ضلعي ۽ تعلقي سطح تي هجڻ گھرجن انهن ٽاسڪ فورس ۾ سول سوسائٽي جا ماڻھو جھڙوڪ سماجي تنظيمون سرڪاري ادارن جا ماڻهو، اديب شاعر  نفسياتي ماھر۽ ساڃاهه وند شامل هجڻ گهرجن. انهي ٽاسڪ فورس جي پليٽ فارم تان ٻارن جي انساني، آئيني، قانوني حقن جو تحفظ ڪرڻ لاءِ سنجيدگي سان ويچاريو وڃي ۽ ٻارن جي سماجي مسئلن کي حل ڪرڻ لاءِ عملي ڪوششون ورتيون وڃن..