ٺڪراٺو (ن پ ا) ٺڪراٺي ڀرسان سڱاوتي معاملي تان ٻن ٻارن سميت اغوا ٿيل عورت بازياب نه ٿي سگھي. مغوين جي وارثن جا ايس ايچ او مبارڪپور مٿان جوابدارن جي ساٿاري ھئڻ جا الزام. پوليس اٽالن جي عورت ۽ ٻارن جي بازيابي ۽ جوابدارن جي گرفتاري لاءِ گھرن تي چڙھائي، جوابدار گھر خالي ڪري فرار ٿي ويا. پوليس پڪٽون قائم ڪري ويھي رھي. خبر موجب مبارڪپور ٿاڻي جي ڳوٺ اچيھر ۾ مھر ڌرين وچ ھلندڙ پراڻي سڱاوتي تڪرار تان 2 ڏينهن اڳ ھٿياربند حملو ڪري 6 ڄڻن کي زخمي ڪرڻ بعد ھڪ عورت مسمات زبيده زال علي نواز مھر ۽ سندس ڌيءَ ۽ پٽ کي اغوا ڪري ويا هئا. هوڏانهن 2 ڏينھن گذرڻ باوجود عورت ۽ سندس ٻارڙا بازياب نه ٿي سگھيا آهن. ايس ايس پي سکر سنگھار ملڪ گذريل ڏينهن مبارڪپور ٿاڻي تي پھچي واقعي جا تفصيل ورتا. بعد ۾ پوليس اٽالن جوابدارن جي گرفتاريءَ لاءِ گھرن تي چڙھائي ڪئي پر جوابدار گھر خالي ڪري فرار ٿي ويا. پوليس سندن گھرن ۾ پڪٽون قائم ڪري ويھي رھي.