ٺڪراٺو (رپورٽ: ممتازعلي مھر) ٺڪراٺي ڀرسان سڱاوتي تڪرار تان مھر ڌرين ۾ جھيڙو، ڪهاڙين جا ڌڪ ۽ گوليون لڳڻ سبب ھڪ عورت سميت 6 ڄڻا زخمي، ھڪ عورت ڌيءُ ۽ معصوم پٽ سميت مبينا اغوا، اطلاع باوجود پوليس نه پھتي. خبر موجب ٺڪراٺي ڀرسان مبارڪپور ٿاڻي جي حد ڳوٺ اچيھر ۾ پراڻي سڱاوتي تڪرار تان سليمان مھر ۽ علي نواز مھر جي ڌرين ۾ جھيڙو ٿي پيو. ٻڌايو پيو وڃي ته سليمان مھر واري ڌر جي ھٿياربندن مخالفن جي گھرن مٿان حملو ڪري ھٿيارن جا قنداق ۽ ڪھاڙيون ھڻي گھر ڌڻي علي نواز مھر، سچيڏنو، علي بخش، ملوڪ، مسمات سگهڙ ۽ خيرمحمد مھر کي سخت زخمي ڪري ڇڏيو ۽ بعد ۾ مسمات زبيده زال علي نواز مھر کي 12 ورھين جي ڌيءُ زليخان ۽ 6 ورھين جي پٽ ڪالو سميت مبينا طور اغوا ڪري فرار ٿي ويا. بروقت اطلاع باوجود مبارڪپور پوليس نه پھتي. فريادي ڌر جي الھڏنو مھر ٻڌايو ته جوابدارن سليمان مھر، صحبت مھر ۽ ٻين ھٿياربند ساڻ ڪري اسان تي حملو ڪيو. بعد ۾ ھڪ عورت مائي زبيده زال علي نواز، سندس ڌيءَ ۽ معصوم پٽ ڪالو مھر کي اغوا ڪري ويا. حملي جو بروقت مبارڪپور پوليس کي اطلاع ڪيو پر پوليس نه پھتي. ايس ايچ او نمبر ئي بند ڪري ڇڏيو. ھوڏانھن حملي ڪرڻ جي الزام ھيٺ آيل ڌر جي سليمان مھر ٻڌايو ته علي نواز وارن سڱاوتي تڪرار ھلندڙ آھي. اسان عورت، نينگري ۽ ٻارڙو اغوا ناھي ڪيو. رابطو ڪرڻ تي ايس ايچ او مبارڪپور صدا حسين لنڊ جو چوڻ ھو ٻنهي ڌرين ۾ سڱاوتي تڪرار تان  واقعو پيش آيو آھي. عورت اغوا معاملي جي جاچ جاري آهي. ھوڏانھن آخري اطلاعن تائين وقعي جو ڪيس داخل نه ٿي سگھيو هو.