ٺٽو (رپورٽر) ٺٽي شهر جي بخاري محلي ۾ پوليس ۽ پنهور برادري جي ماڻهن وچ ۾ ڇڪتاڻ، شهر جي بخاري محلي مان رخسار ميمڻ جي مبينا اغوا جو ڪيس محبوب ميمڻ ۽ پنهور برادري جي ٻن نوجوانن راشد ۽ عمران سميت چئن ڄڻن خلاف داخل ڪرايو ويو، جڏهن ته ٺٽو پوليس پاران 20 ڄڻن خلاف گذريل رات پوليس چڙهائي دوران پوليس تي حملي ۽ ڊيوٽي اٽڪاءَ جو ڌار ڪيس پڻ داخل ڪرايو ويو آھي. ٻئي طرف کڏا مارڪيٽ ڪراچي جي رهواسين ولي محمد ميمڻ، ڪلثوم، بلقيس، عاشق حسين ٺٽي جي رهواسين رحيم بخش مگسي ۽ قادر بخش مگسي سان گڏ پريس ڪلب ٺٽو پهچي احتجاج ڪندي الزام هنيو ته سندس نابالغ ڌيءَ رُخسار کي محبوب ميمڻ پنهنجي ساٿين عمران پنهور، راشد پنهور ۽ عبدالشڪور خاصخيلي جي مدد سان زبردستي اغوا ڪري ويو آهي. هن ٻڌايو ته سندس نياڻي رخسار کي 4 اپريل تي ٺٽي جي بخاري محلي مان نانِيءَ جي گهران اغوا ڪيو ويو، جنھن جو اڃا تائين ڏس پتو پئجي نه سگهيو آهي، ان ڪري سندس زندگي کي خطرو آهي. هن مطالبو ڪيو ته سندس نياڻي کي فوري طور تي بازياب ڪرائي جوابدارن خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي.