ٺٽو ( رپورٽ : اسماعيل ميمڻ ) جيتوڻيڪ ضلعي ٺٽي ۾ مڪاني چونڊ ٻئي مرحلي ۾ ٿي رهي آهي پر ان کان اڳ مختلف سياسي پارٽين جي اڳواڻن آل پارٽيز مشاورتي اجلاس سڏائي مڪاني چونڊ ۾ حصي وٺڻ لاءِ گڏيل طور تي اميدوارن جي بيهارڻ تي اتفاق ڪري ورتو آهي. ان ڏس ۾ مڪاني چونڊ ۾ ڀرپور نموني حصو وٺڻ لاءِ آل پارٽيز مشاورتي اجلاس جماعت اسلامي ٺٽو جي امير عبدالله آدم گندرو ۽ غلام شفيع سمون جي صدارت ۾ نور فائونڊيشن اسڪول ٺٽو ۾ سڏايو ويو  سڏايل اجلاس ۾ 11 يارنهن  سياسي توڙي مذهبي ۽ سماجي تنظيمن، پاڪستان مسلم ليگ فنڪشنل (جي ڊي اي) جي شاهنواز بروھي، پاڪستان تحريڪ انصاف جي ذوالفقار شورو، قومي عوامي تحريڪ جي ياسر جاکرو، جي  يوآئي جي مولانا سليم عاطف، مولانا عبدالله ناھيو، مجلس وحدت المسلمين جي ڊاڪٽر شبير شاھ، شيعه علماءِ ڪائونسل جي محمد رفيق کتري، نور نبي شاھ، سنڌ ملاح فورم جي محمد ايوب ، شيخ اتحاد جي ممتاز شيخ ،ساجد شيخ ، بلاول سمون، حاڪم علي بروهي ۽ ٻين اڳواڻن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي، اجلاس  آدم گندرو کي اي پي سي جو ڪو آرڊينيشن مقرر ڪندي آزاد اميدوارن کي پڻ اتحاد جي حصي بڻجڻ جي آڇ ڪئي وئي اهي. اڳواڻن خطاب ڪندي چيو ته ھڪ طرف ملڪ ۾ حد کان وڌيڪ مھنگائي آھي ته ٻئي طرف سنڌ ۾ پاڻي جو ھٿرادو بحران پيدا ڪري سنڌ جي لاڙ وارن ضلعن کي بنجر بنايو پيو وڃي، جتي عوام کي زرعي آبادي ته ٺهيو پر پيئڻ لاءِ به پاڻي نٿو نصيب ٿئي، هنن چيو ته ضلعي ٺٽي اندر ڪوبه ترقياتي ڪم نظر نٿو اچي، تعليم جي صورتحال به خراب آھي، ۽ عوام کي صحت جون به ڪي بھتر سھولتون ميسر ناھن هنن چيو ته ٺٽي ۾ ڌارين آبادڪاري، وسيلن جي ڦرلٽ، زمين تي ٿيندڙ والارسبب ھتان جي عوام کي ڪابه بنيادي سھوليت ميسر ناھي، جڏهن ته اجلاس ۾ شرڪت ڪندڙ اڳواڻن پڻ فيصلو ڪندي چيو ته ضلعي جي سمورين پارٽين سان مشاورت ڪري بھتر حڪمت عملي جوڙي مڪاني چونڊ ۾ حصو وٺندي ضلعي اندر ۾ سمورن شهري وارڊن توڙي ٻين تڪن تي پنھنجا مضبوط اميدوار بيھاري مخالفن جو مقابلو ڪري ڪاميابي ماڻي ھتان جي عوام جي بنا ڪنھن فرق جي خدمت ڪئي ويندي.