ٺٽو ( رپورٽر ) ڪينجھر پوليس هٿان ڳوٺاڻي جي گرفتاري خلاف ڳوٺاڻن ٺٽو حيدرآباد قومي شاهراھ تي احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو ٻنهي پاسن کان ايندڙ ويندڙ ٽرئفڪ معطل ڪري پوليس خلاف سخت نعري بازي ڪئي . ان ڏس ۾ ڪينجھر پوليس پاران  ڪجھ ڏينهن علي بحر ويجھو انبن جي سوزوڪي جي ڦرجڻ واري داخل ڪيس ۾ ڪينجھر پوليس جي اٽالي تارا برادري جي وڏيري احمد خان تارو جي جي پٽ لطيف تارو کي گرفتار ڪري ٿاڻي ۾ لاڪپ ڪري ڇڏيو ، ڳوٺاڻي جي گرفتاري خلاف وارث عورتن ۽ ڳوٺاڻن ٺٽو حيدرآباد قومي شاهراھ تي رڪاوٽون وجھي ايندڙ ويندڙ ٽرئيڪ معطل ڪري ڪينجھر پوليس خلاف ڇتي نعري بازي ڪئي. مظاهرين چيو ته ڪينجھر پوليس بلاوجه سندن نوجوان لطيف تارو کي گرفتار ڪري ٿاڻي جي لاڪپ ۾ واڙي ڇڏيو آهيس. ٻئي پاسي هيلايا برادري جي معززين حاجي سليمان هيلايو ، وڏيرو انور ٺينگو ۽ ٻين مظاهرين وٽ پهچي مسئلي حل ڪرائڻ جي خاطري ڪرائي ڪلاڪن کان بند پيل قومي شاهراھ جي ٽرئفڪ بحال ڪرائي. هوڏانهن ڪينجھر پوليس موجب علي بحر ويجھو انبن سان ڀريل سوزوڪي پڪ اپ ڦر واقعي جي هلندڙ جاچ جي سلسلي ۾ لطيف تارو کي گرفتار ڪيو ويو آهي جاچ جي مڪمل ٿيڻ بعد کيس آزاد ڪيو ويندو .