ٺٽو ( رپورٽر ) ٺٽي واسي نوجوان شعيب خشڪ کي ڪراچي جي سي ٽي ڊي پوليس پاران مبينا کنڀي گم ڪرڻ خلاف سندس زال ثميره، سس سيما خشڪ، ناني ڄامل خشڪ ۽ ٻين وارثن پريس ڪلب ٺٽي آڏو پهچي عورتن ۽ ٻارڙن سان گڏ احتجاجي مظاهرو ڪري سخت نعري بازي ڪئي جڏهن ته ان موقعي تي احتجاج ڪندڙن جو چوڻ هو ته 3 مهيان اڳ ٺٽو ۽ مڪلي پوليس اٽالن سندن گھر ۾ داخل ٿي نوجوان شعيب خشڪ کي گرفتار ڪري گم ڪري ڇڏيو جنهن جي بعد سي ٽي ڊي ڪراچي پوليس پاران دهشتگردي واري ڪيس ۾ گرفتاري ظاهر ڪئي وئي هنن چيو ته گذريل ڏهاڙي اي ٽي سي ڪورٽ ڪراچي مان شعيب خشڪ جي ضمانت منظور ٿي ۽ هو جيئن ئي ٻاهر نڪتو ته ان کي ٻيهر سي ٽي ڊي ڪراچي پوليس کنڀي گم ڪري ڇڏيو آهي هنن سي ٽي ڊي ڪراچي پوليس جي ڪاروائي جي شديد مذمت ڪندي چيو کين خدشو آهي ته سي ٽي ڊي پوليس شعيب خشڪ جيڪو شاگرد آهي ان کي ماري نه ڇڏي جڏهن ته وارثن پاران سنڌ ھاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس، آءِ جي سنڌ سميت انساني حقن جي تنظيمن کان نوٽيس وٺي شعيب خشڪ کي آزاد ڪري ساڻن انصاف ڪرڻ جو مطالبو ڪيو ويو آهي