ٺٽو ( رپورٽر ) ٺٽي ۾ پکي ماري وڪڻڻ جي الزام ۾ پورهيت جي گرفتاري خلاف سونڊا واسين ٺٽو حيدرآباد قومي شاهراھ تي ٽائرن کي باهيون ڏئي احتجاجي ڌرڻو هڻي ايندڙ ويندڙ ٽرئفڪ معطل ڪري ڇڏي، ان ڏس ۾ عبدالرحمٰن جي وارثن ۽ شهرين جوچوڻ هو ته ڪينجھر ڍنڍ ۾ نه رڳو سرعام پکين جو شڪار ڪيو پيو وڃي پر شڪارين پاران پڻ قومي شاهراھ تي پکين جو وڪرو کلي عام هلي رهيو آهي هنن چيو ته وائلڊ لائيف کاتي جاعملدار پکين جي شڪار توڙي وڪري ڪندڙن خلاف ڪابه ڪاروائي ڪرڻ بدران گھر لاءِ پکي وٺندڙ هڪ غريب پورهيت جيڪو پڻ سونڊا ۾ مڇي وڪرو ڪري پنهنجي ٻچن جو پيٽ پاليندو آهي کي گرفتار ڪري ساڻس ناانصافي ڪئي وئي آهي هنن گھر ڪندي چيو ته ڪينجھر ۾ پکين جي شڪار توڙي کلي عام پکين جي وڪري تي فوري طور تي پابندي لاڳو ڪري ملوث شڪارين کي گرفتار ڪري گرفتار پورهيت عبدالرحمٰن گندرو کي آزاد ڪيو وڃي هوڏانهن ٺٽو حيدرآباد قومي شاهراھ تي مظاهرين جي هنيل ڌرڻي بعد ڪينجھر ٿاڻي جي ايس ايڇ او مظاهرين سان ڳالهيون گرفتار پورهيت جي آزادي جي خاطري ڪرائي قوم شاهراھ تان ٺٽو حيدرآباس ويندڙ معطل ٽرئفڪ بحال ڪرائي ڇڏي.