ٺٽو ( رپورٽر ) ٺٽي شهر ۾ لاڳيتي پيئڻ  جي پاڻي جي بندي خلاف شهري سراپا احتجاج بڻجي روڊن تي نڪري آيا. رات دير سان ٺٽي شهر جي مختلف پارڻ جي شهرين توڙي سول سوسائٽي جي اڳواڻن بادشاهي مسجد شاهجھان کان ٺٽو پريس ڪلب تائين احتجاجي ريلي ڪڍي پريس ڪلب ٺٽي آڏو احتجاجي مظاهرو ڪري ٺٽو ڪراچي قومي شاهراھ بند ڪري هتان لنگھندڙ ٽرئفڪ معطل ڪري پاڻي ناهي ڇو ڀلا ڪربلا ڪربلا ، جا نعرا هنيا جڏهنه ته ان موقعي تي سول سوسئٽي جي اڳواڻن حامد مغل ، عبدالستار ميمڻ ، دانش سوني منڊي ، شمس مغل ، مشتاق ، نظير مغل ۽ ٻين خطاب ڪندي چيو ته گذريل ڪيترن ئي مهينن کان ٺٽي شهر جي مغل پاڙي ، پلنگ پاڙي سميت شهر جي امثريتي پاڙن ۾ پيئڻ جي پاڻي جو شديد بحران آهي ڪيترائي ڀيرا دانهون ۽ شڪايتون ڪيون ويون آهن پر هن مهل تائين پيئڻ جي پاڻي جي فراهمي بند آهي جنهنڪري هو ڳرن اگھن تي پاڻي خريدڻ تي مجبور آهن. انتظاميه کي پڻ ڪيترائي ڀيرا آفيسن ۾ وڃي دانهون ڏنيون آهن پر ڪو به داد فرياد ناهي ٿيو آهي پاڻي فراهمي بحال نه ٿي ته ٻيهر سخت احتجاج ڪيو ويندو .