ٺٽو ( رپورٽر ) ٺٽي شهر ۾ پيئڻ جي پاڻي جو مسئلو حل نه ٿيو شهرين پاران پاڻي جي کوٽ خلاف 26 هين ڏينهن به رمضان ڀلاري جي 27 هين روزي تي پريس ڪلب ٺٽي آڏو ٺٽو ڪراچي قومي شاهراھ تي ڌرڻو هڻي پيئڻ لاءِ پاڻي ڏيو ، ڪي ڊي اي واھ مان مستقل بنياد تي پاڻي جي فراهمي جا نعرا هڻي شهرين کي پريشانين مان نجات ڏيارڻ جي گھر ڪئي وئي آهي جڏهن ته ان موقعي تي احتجاج ڪندڙ شهرين ۽ ٺٽو بچايو فورم جي اڳواڻن اسد الله شاھ ، جمشيد قريشي ، دلاور شيخ ، عرفان ميرجت ، حافظ عباسي ، ڊاڪٽر ولي جاکرو ، خالد ممبائي ، پريم ڪمار ، لڇو ڪمار ، اياز شورو ۽ ٻين خطاب ڪندي چيو ته هو گذريل 26 ڏينهن کان لاڳيتو شهر ۾ پيئڻ جي پاڻي جي شديد کوٽ خلاف ٺٽو ڪراچي قومي شاهراھ تي سراپا احتجاج بڻجي احتجاجي مظاهرا ڪري پيئڻ جي پاڻي جون صدائون پيا هڻن پر انتظاميه مستقل بنيادن پاڻي جي مسئلي کي حل ڪرڻ لاءِ ڪک ڀڃي ٻيڻو ناهي ڪيو هنن چيو ته ميونسپل ڪميٽي ٺٽو جي 9 ئي وارڊن ۾ پيئڻ جي پاڻي جو شديد بحران سبب شهرين جي گھرن ۾ پاڻي نه هجڻ ڪري ڄڻ رمضان جي ڀلاري مهيني ۾ ڪربلا لڳي پئي آهي ۽ هو پڻ روزانو پريس ڪلب آڏو اچي پاڻي لاءِ احتجاجي مظاهرو ڪري رهيا آهن پر هن مهل تائين نه ضلعي اتنظاميه ۽ نه ئي ميونسپل ڪميٽي ٺٽي جي انتظاميه شهر ۾ مستقل بنيادن تي پيئڻ جي پاڻي جي مسئلي جو ڪو حل ٿي ڪڍي جڏهن ته هنن چتاءَ ڏيندي چيو آهي ته فوري طور تي ٺٽي شهر کي ڪي ڊي اي مان مستقل بنيادن تي پاڻي جي فراهميءَ کي يقيني بڻائي شهرين کي وڌيڪ پريشانين کان بچايو ڃي ٻي صورت ۾ سندن احتجاج جو سلسلو جاري آهي جاري رهندو