ٺٽو (رپورٽر) ٺٽي شهر ۾ پيئڻ جي پاڻي جي پيدا ٿيل سنگين بحران تي ضابطو ناهي اچي سگھيو. شهرين پاڻي جي لاڳيتي کوٽ خلاف 61 هين ڏينهن به پريس ڪلب ٺٽي آڏو ٺٽو ڪراچي قومي شاهراه تي احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هڻي سخت نعريبازي ڪئي. ان موقعي تي احتجاجي مظاهري ۽ ڌرڻي کي ٺٽو بچايو فورم جي اڳواڻن ۽ شهرين جمشيد قريشي، دلاور شيخ، لالا غفار، ڊاڪٽر ولي جاکرو، حافظ عباسي، عرفان ميرجت، ايان علي ۽ ٻين خطاب ڪندي چيو ته گذريل ڪيترن مهينن کان ٺٽي شهر ۾ پيئڻ جي پاڻي جي عدم دستيابي ڪري شهري سخت پريشانين کي منهن ڏئي رهيا آهن. هنن چيو ته شهر ۾ پاڻي جي اڻهوند خلاف هنن کي پڻ مسلسل پريس ڪلب ٺٽي آڏو قومي شاهراھ تي احتجاج ڪري نعرا هڻندي 61 هون ڏينهن آهي پر هن مهل تائين سندن پاڻي لاءِ مسلسل احتجاج جو به واسطيدار اختيارين نوٽيس وٺندي هن مهل تائين شهر ۾ پيئڻ جي پاڻي جي فراهمي ناهي ڪرائي هنن چيو ته شهر ۾ پاڻي سنگين کوٽ سبب شهري سخت پريشانين کي منهن ڏيندي ڳري اگھن تي پاڻي خريدڻ تي مجبور بڻيل آهن جڏهن ته هنن چتاءُ ڏيندي گھر ڪئي آهي ته فوري طور تي ٺٽي جي شهرين کي ڪينجهر مان نڪرندڙ ڪي ڊي اي واهه مان پيئڻ جي پاڻي جي مستقل بنيادن تي فراهمي بحال ڪئي وڃي ٻي صورت ۾ سندن هلندڙ احتجاجي سلسلو جاري رهندو.