ٺٽو (رپورٽر ) ٺٽي شھر ۾ ميونسپل ڪاميٽي پاران گذريل ڪيترن ڏينھن کان پاڻي جي فراهمي معطل هجڻ ڪري شهرين  پريس ڪلب ٺٽي آڏو پاڻي جي کوٽ خلاف احتجاجي سلسلي کي روز جو معمول بڻائي ڇڏيو آهي شهر ۾ پاڻي جي عدم دستيابي سبب شهرين ٺٽو بچايو فورم جي پليٽ فارم هيٺ ڇھين 6 ھين ڏينھن بہ پاڻي ناھي ڇو ڀلا ڪربلا ڪربلا، ٺٽي کي پاڻي ڏيو، جانعرہ ھڻي احتجاجي مظاهرڪيو، ان موقعي تي  اسد الله شاھ ، ڪامريڊ دلاور شيخ ، جمشيد قريشي ، غفار خان ۽ ٻين دانهيندي چيو ته ميونسپل اتنظاميه توڙي چونڊيل عيوضي ۽ ضلعي انتظاميه پاڻي جي فراهمي لاءِ ڪي به جوڳاءَ اپاءَ وٺڻ لاءِ تيار ناهي، سخت پريشان آهيون، پيئڻ جو پاڻي ڏنو وڃي.