ٺٽو ( رپورٽر ) ٻگھاڻ جي گلڙي برادري جي رهواسي عورتن مردن ڳوٺ جي بااثر وڏيري خلاف پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪري تحفظ جي گھر ڪئي آهي . ان ڏس ۾ ڪيٽي بندر تعلقي جي ٻگھاڻ سان تعلق رکندڙ گلڙي برادري جي ميهار گلڙي ، خميسو گلڙي ، مقبول گھلڙي ، عورت سنگھار گلڙي ۽ ٻين احتجاج ڪندي چيو ته وڏيري جي ڪري گھارو ۾ رهائش ڪئي آهي پر اتي به 4 مينهون زوري چوري ڪري کڻي ويو آهي. هنن چيو ته وڏيري پاران مينهون چوري ڪري زوري کڻي وڃڻ جو پڻ گھارو ٿاڻي تي ڪيس داخل ڪرائيو آهي پوليس ڪو به تحرڪ ناهي ورتو. وڏيرو ڌمڪيون ڏئي رهيو آهي وس وارا ظلم کان نجات ڏياري 4 مينهون واپس ڪرائين.