ٺٽو ( رپورٽر ) جھرڪ پوليس ٺٽي ضلعي جي مختلف علائقن مان ونڊ پاور پراجيڪٽ جون ڪيبل چوري ڪندڙ گروھ کي 15 لک ڪيش، ڪرولا ڪار سميت گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي آھي. ان ڏس ۾ ڊي ايس پي جھرڪ قادر خاصخيلي ۽ ايس ايڇ او جھرڪ نيڪ محمد کوسو ايس ايس پي آفيس ٺٽو ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو آهي تہ جديد ٽيڪنيڪل سسٽم جي مدد سان جھمپير جي علائقي ٽرائيڪون بوسٽن ونڊ پاور پراجيڪٽ لڳ پالاري ڳوٺ ۾ ڪاروائي ڪندي ونڊ پاور پراجيڪٽ جون ڪيبل چوري ڪندڙ گروھ جي 3 جوابدارن جاويد ولد باڪر پالاري، مور ولد دريا خان پالاري ۽ نادر خشال پالاري کي گرفتار ڪري سندن قبضي مان 15 لک رپيا ڪيش ۽ ڪرولا ڪار ھٿ ڪري ورتي آھي، ڪرولا ڪار حيدرآباد جي نسيم نگر ٿاڻي جي حد مان مرتضيٰ کوسو جي چوري ڪئي وئي ھئي.