ٺٽو ( رپورٽر ) مڪاني چونڊن جي تيارين، سيڪيورٽي، زمينن جي حاصلات جي مسئلن، برساتي پاڻي نيڪال، ٻوڏ دوران رليف جي سرگرمين ۽ ٻين معاملن جو جائزو وٺڻ بابت اعليٰ سطحي اجلاس مڪلي ۾ ڊويزنل ڪمشنر حيدرآباد بلال احمد ميمڻ جي صدارت هيٺ ٿي گذريو ڊويزنل ڪمشنر سمورن لاڳاپيل آفيسرن کي هدايت ڪئي ته هو سمورين پولنگ اسٽيشنن تي واش رومز، بجلي، پيئڻ جي پاڻي، سيڪيورٽي ۽ ٻين سمورين ضروري سهولتن فراهمي سميت فرسٽ ايڊ ۽ ايمبولينسز، ڊاڪٽرن، پيرا ميڊيڪل اسٽاف ۽ ضروري دوائون جي موجودگيءَ کي يقيني بڻائين ته جيئن پولنگ اسٽاف ۽ ووٽرن کي ڪنهن به قسم جي پريشاني کي منھن ڏيڻو نه پوي ريجنل اليڪشن ڪمشنر عبدالرحمٰن آرائين پاران ڊويزنل ڪمشنر کي 15 جنوري 2023ع تي ٿيندڙ مڪاني چونڊن جي تيارين، پولنگ اسٽيشنن جي صورتحال ۽ موجود سهولتن بابت تفصيلي آگاهي ڏيندي چيو ته شفاف چونڊن لاءِ 170 سي سي ٽي وي ڪيمرائن جو بندوبست ڪيو ويو آهي، جڏهن ته ضلعي سطح تي ضلعي ڪائونسل ۾ ھڪ شڪايتي ڪنٽرول روم پڻ قائم ڪيو ويندو.ضلعي ۾ ڪل 320 پولنگ اسٽيشنون قائم ڪيون وينديون جن مان 33 انتهائي حساس ۽ 287 حساس پولنگ اسٽيشنون آهن. اجلاس ۾ ضلعي ۾ عوام کي سستي اٽي جي فراهمي کي يقيني بڻايو وڃي ته جيئن مهانگائي جي هن دور ۾ غريب عوام کي وڌ ۾ وڌ رليف ملي سگهي بعد ۾ ڊويزنل ڪمشنر مخلتف پولنگ اسٽيشننز ۽ ٺٽي شهر جو دورو ڪري صفائي سٿرائي ۽ ٻين معاملن جو جائزو پڻ ورتو.