ٺٽو ( رپورٽر ) ٺٽي جي مڪاني چونڊ ويجھو  ايندي ئي اميدوارن هڪ ٻئي تي انتقامي ڪارروائين جا الزام هڻڻ شروع ڪيا آهن. ان ڏس ۾  ٻجورا يوسي جي راڄوڻي اتحاد جي اڳواڻن  آچار خاصخيلي، نظير، گل، علي خاصخيلي، عثمان شورو ۽ ٻين احتجاج ڪندي چيو ته اسان مڪاني چونڊ ۾ حصو وٺڻ لاءِ راڄوڻي اتحاد جي پليٽ فارم تان حصو ورتو آھي ته انتقامي ڪاروايون شروع ٿي ويون آھن، مڪاني چونڊن ۾ بيھي ڄڻ ڪو هنن وڏو ڏوھ ڪري وڌو آھي. مخالفن پاران اسان جي ڳوٺ محرم خاصخيلي تي فائرنگ ڪري اسان جي ماڻھن کي زخمي ڪيو ويو ۽ راڄوڻي اتحاد جي چيئرمين آچار خاصخيلي سميت 10 ڄڻن تي ڪيس داخل ڪيو ويو آھي، جيڪا ساڻن وڏي ناانصافي آھي. ھنن چيو ته جڏھن ٺٽو ٿاڻي تي ڪيس داخل ڪرائڻ وياسين ته ڪيس پوليس نه ورتو،  هنن مطالبو ڪيو آهي ته انتقامي ڪاروايون توڙي سندن خلاف داخل ڪيس ختم ڪري کين جيئڻ جو حق ڏنو وڃي .