ٺٽو ( رپورٽر ) ٺٽو ميونسپل ڪاميٽي ٺٽو جي ملازمن ھڪ جماعت جي اڳواڻ پاران اختيار ڪيل ناروا رويي کي جواز ڄاڻائي شهر ۾ ڪم ڇڏ هڙتال شروع ڪري ڇڏي آهي. ملازمن چيو ته شهر جي هڪ تنظيم جي اڳواڻ ميونسپل ڪميٽي جي سينٽري ورڪرن  سان نامناسب رويو اختيار ڪندي ساڻن گھٽ وڌ ڳالهايو آهي هنن چيو ته گھٽ وڌ ڳالهائڻ ڪري ملازمن جي سخت دل آزاري ٿي آهي هنن چيو ته هنن رات ڏينهن ڪري برساتن ۾ ڪم ڪيو آهي پر ان جي باوجود ساڻن نامناسب رويو اختيار ڪري سندن تذليل ڪئي وئي آهي. هوڏانهن الزام هيٺ آيل تنظيم جي ڪارڪنن به مظاهرو ڪري ملازمن جي الزامن کي رد ڪر يڇڏيو.هنن چيو ته هاڻوڪي برساتن سبب ٺٽو شهر مڪمل طور تي گندگي جي ور چڙهڻ سان گڏ گٽرن جي بدبودار پاڻي هيٺ آهي ڪيترائي شهري پاڙا هن مهل تائين گندگي جي ڍيرن سان گڏ گٽرن جي پاڻي هيٺ آهن انهن مان نه گندگي جا ڍير کنيا ويا آهن ۽ نه روڊ رستن توڙي گھٽين ۾ گٽرن جي بدبودار پاڻي جي نيڪال جو جوڳو بندبست ڪيو ويو آهي گندگي جو خاتمو نه آندو ويو ته ٻيهر ميونسپل عملي خلاف سخت احتجاج ڪيو ويندو.