ٺٽو (رپورٽر) ٺٽو پوليس پاران شراب جي بٺي تي ڇاپو هڻي وڏي مقدار ۾ تيار شراب ۽ گٽڪي مائي سميت گٽڪي مائي ۾ استعمال ٿيندڙ سامان هٿ ڪرڻ سان گڏ 4 ڄڻن کي گرفتار ڪري هڪ سوزوڪي پڪ اپ ۽ هڪ موٽر سائيڪل تحويل ۾ وٺڻ جي دعويٰ ڪئي وئي آهي. ان ڏس ۾ ٺٽي جي ايس ايس پي عديل چانڊيو پاران ڄاڻايو ويو آهي ته ساڪرو ٿاڻي ٺٽي جي سي آءِ اي پوليس مختلف علائقن ۾ ڪاروائي ڪري ساڪرو جي منشيات فروش مير محمد جي ڪچي شراب جي بٺي تي ڇاپو هڻي جوابدار مير محمد کيرو کي گرفتار ڪري تيار 120 ليٽر ۽ 26 ڪچي شراب جون ٿيلهيون هٿ ڪرڻ سان هڪ ٻئي ڇاپي ۾ پڻ ساڪرو پوليس موٽر سائيڪل سوار قادر ڏنو رند کي گرفتار ڪري وڏي مقدار ۾ سوپاري، چورو ۽ تيار مائي، گٽڪي جون پڙيون هٿ ڪري ورتيون آهن. جڏهن ته ٺٽي جي سي آءِ اي پوليس پڻ مڪلي ويجھو سوزوڪي پڪ اپ تي ڇاپو هڻي ٻن ڄڻن شڪيل ۽ بلاول خاصخيلي کي گرفتار ڪري وٽانئن وڏي مقدار ۾ سوپاري چورو ۽ سوين مائي گٽڪي جون پڙيون هٿ ڪري مٿن ڌار ڌار ٿاڻن تي منشيات جا ڪيس داخل ڪري ڇڏيا آهن.