ٺٽو ( رپورٽر ) ٺٽي جي مشهور درگاھ عبدالله شاھ اصحابي جو ساليانو عرس مبارڪ مڪلي ۾ شروع ٿي ويو آهي . سنڌ جي مشهور درگاھ عبدالله شاھ اصحابي جي سالياني 338 هين عرس مبارڪ جو وڏي وزير جي خاص معاون ايم پي اي سيد رياض شاھ شيرازي ، اوقاف کاتي جي چيف ائڊمنسٽرٽر علي گل سنجراڻي 7 درگاھ جي خليفن منير قريشي ، سليم قريشي ۽ ٻين درگاھ تي حاضري ڀري چادر چاڙهي 3 ڏينهن واري عرس مبارڪ جي افتتاح ڪري ڇڏيو آهي جڏهن ته ان موقعي تي ملڪ ۽ قوم جي خوشحالي سان گڏ ملڪي سالميت لاءِ پڻ دعا گھري وئي ان موپقعي تي وڏي وزير جي خاص معاون ايم پي اي سيد رياض شاھ شيرازي ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته سنڌ صوفين ۽ درويشن جي سرزمين آهي، جن هميشه امن، محبت ۽ ڀائيچاري جو درس ڏنو آهي، ان لاءِ اسان جو فرض آهي تہ بزرگن جي ڏنل تعليم تي عمل ڪريون.جڏهن ته درگقاھ تي سيڪيورٽي جي ورتل اپائن جو ذڪر ڪندي چيو ته ته ٺٽو هڪ پرامن ضلعو آهي، ان جي باوجود سيڪيورٽي جا بهتر انتظام ڪيا ويا آهن. جڏهن ته ان موقعي تي اوقاف کاتي جي چيف ايڊمنسٽريٽر علي گل سنجراڻي ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته درگاهن تي زائرين ۽ عقيدتمندن کي هر قسم جون سهولتون فراهم ڪرڻ اوقاف کاتي جي اولين ترجيحن ۾ شامل آهي، درگاهن جي احاطي ۾ ڪنهن به قسم جو غلط استعمال ٿيڻ نه ڏنو ويندو. هن چيو ته حضرت عبدالله شاهه اصحابي جي سالياني عرس مبارڪ جي موقعي تي سڪيورٽي جا سخت انتظام ڪيا ويا آهن. درگاھ جي خليفن منير قريشي ، سليم قريشي ۽ شهير قريشي پڻ ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته اوقاف کاتي پاران ملڪ جي ڪنڊ ڪڙڇ مان ايندڙ زائرين جي سهولتن لاءِ ڪي به جوڳاءَ اپاءَ ناهن ورتا ويا ايستائين پيئڻ جي پاڻي توڙي انهن جي لنگر نياز جو به جوڳو بندوبست ناهي ڪيو ويو هنن چيو ته هنن پاران عرس مبارڪ جي شروع ٿيڻ کان اڳ ئي درگاھ تي درپيش مسئلن جي نشاندهي ڪندي اوقاف کاتي کي فوري حل ڪرائڻ تي زور ڀريو ويو پر اوقاف کاتي روايتي سستيءَ جو مظاهرو ڪندي درگاھ جي ٻاهرين پاسي واري ڇت هئي اها به ڪيرائي زائرين جي پريشانين ۾ اضافو ڪري ڇڏيو آهي هنن وڏي وزير سيد مراد علي ۽ اوقاف کاتي جي وزير کان گھر ڪئي آهي ته درگاھ عبدالله شاھ اصحابي تي سهولتن جي کوٽ جو فوري نوٽيس وٺندي زائرين کي وڌيڪ پريشانين ۾ مبتلا ٿيڻ کان بچايو وڃي.