ٺٽو (رپورٽر) آل سنڌ روينيو ايمپلائيز يونين ۽ آل سنڌ تپيدار ايسوسئيشن جي سڏ تي مرڪزي اڳواڻن مڪلي تي پهچي ڊي سي چوڪ وٽ احتجاجي ريلي ڪڍي مظاهرو ڪيو ۽ مقتول تپيدار عملدار شاھ جي ڀاءُ نزاڪت شاھ ۽ ٻين وارثن سان گڏ ڌرڻو هڻي انصاف جو مطالبو ڪندي سخت نعريبازي ڪئي جڏهن ته ان موقعي تي آل سنڌ روينيو ايمپلائيز يونين جي مرڪزي صدر سيد سردار شاهه، امجد علي لاشاري، عبدالوهاب، بابرعلي بروهي ۽ آل سنڌ تپيدار ايسوسئيشن جي مرڪزي صدر نور حسن پتافي ضلعي اڳواڻن فهد ٻٻر، سڪندر مگسي ۽ ٻين خطاب ڪندي چيو ته پرويز مشرف جي دور کان وٺي روينيو انتظاميه کي غير فعال ڪيو ويو جوڊيشل اختيار کسجڻ سبب نه روينيو عملو مهانگائي تي ڪنٽرول ڪري سگهي ٿو ۽ نه وري قبضا خالي ڪرائي سگهي ٿو هنن چيو ته ڪمشنري نظام مڪمل بحال ڪري پراڻا مئجسٽريٽ وارا روينيو کي اختيار ڏنا وڃن هنن چيو ته ڪراچي ۾ منگهوپير جي مختيارڪار ۽ ٺٽي ۾ تپيدار علمدار شاھ جي قتل واري واقعي بعد روينيو اسٽاف قبضا مافيا کان غير محفوظ بڻيل آھي هنن مطالبو ڪندي گھر ڪئي ته شھيد تپيدار علمدار شاھ جي قاتلن کي گرفتار ڪري سخت سزا ڏيارڻ سان گڏوگڏ مقتول جي وارثن لاءِ 1 ڪروڙ روپين جي امدادي سمري فوري طور تي منظور ڪري سندن مدد ڪئي وڃي. جڏهن ته  احتجاجي ريلي ۽ مظاهري ۾ ٺٽي سجاول حيدرآباد ڄامشورو ٽنڊو الهيار ٽنڊو محمد خان ۽ ٻين ضلعن جي روينيو ملازمن پڻ وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي.