ٺٽو ( رپورٽر) ٺٽي جي حدن ۾ موجود سنڌوءَ جي وڏي ٻوڏ جي وهڪري ۾ لاٿ جو سلسلو شروع ٿي ويو سنڌوءَ جي مٿانهين ٻوڏ واري وهڪري ۾ لاٿ ٿيڻ بعد ٻوڏ جو وهڪرو 5 لک 22 هزار 900 ڪيوسڪ تي پهچي ويو وڌيڪ وهڪرن ۾ (اڄ) کان سمنڊ جي چاندي جوار جي پڄاڻي بعد تيزي جو امڪان آهي جڏهن ته ٺٽي جي حدن ۾ سنڌوءَ جي وڏي ٻوڏ جي وهڪري ٺٽي جي انتهائي ڄاڻايل حساس بندن سونڊا هيلايا ، ٻائو پورنداس ، شهيد دولھه درياءَ خان پل جي ساڄي ۽ کاٻي پاسي وارن ٻنهي لوپ بندن ، اگهيماڻي ، بي يو گليل ۽ بي يو انڊو تي پڻ ڌٻاءُ بدستور جاري رکيو آهي جڏهن ته حفاظتي بندن تي سنڌوءَ جي وڏي وهڪري جي سخت ڌٻاءَ برقرار هجڻ باوجود آبپاشي کاتي پاران بندن تي سخت چوڪسي نه هئڻ برابر آهي جنهنڪري ڀرپاسي جي پڪي وارن علائقن جي ڪيترن ڳوٺن جي رهواسين ۾ پڻ وڏي ٻوڏ جي موجودگي ڪري خوف واري صورتحال برقرار آهي ٻئي پاسي اگھيماڻي بند تي وڏي ٻوڏ جي وهڪري جي اسٽون پچنيگ سان گڏ هئڻ ڪري وڏي پئماني تي سيمو پڻ جاري آهي پر ان جي باوجود کاتي پاران نه سيمي بند ڪرڻ لاءِ ڪي اپاءَ ورتا ويا آهن نه ئي اگھيماڻي بند واري حصي ۾ آبڪلاڻي مٽيريل جي فراهمي سان گڏ ڳري مشينري توڙي وڌيڪ عملي جي مقرري ڪئي وئي آهي هوڏانهن سنڌوءَ جي وڏي ٻوڏ جي وهڪري سبب ٺٽي جي ٽن تعلقن ٺٽو ، گھوڙاٻاري ۽ ڪيٽي بندر جي 14 يونين ڪائونسل جي  16 سئو کان مٿي ٻوڏ متاثر ڳوٺن جي هزارين حفاظتي بندن توڙي روڊ رستن جي ڪپرن ۽ ٻين مٿانهين وارن هنڌن سان گڏ مڪلي غلام الله سميت پيرپٺو جي جابلوڪي علائقن ۾ پناھ وٺي ويٺل ٻوڏ متاثرن جي پڻ ڪنهن واهر ناهي ڪئي.