ٺٽو ( رپورٽر) ٺٽي ۾ اٽي جي قيمتن ۾ ڳاٽي ٽوڙ اضافي بعد غريب توڙي ڏهاڙي دار پورهيت طبقي سميت نوڪري پيشه طبقو سخت پريشانين کي منهن ڏيڻ تي مجبور ٿي ويو آهي. ضلعي جي 4 ئي تعلقن ٺٽو، ساڪرو ، گھوڙاٻاري ۽ ڪيٽي بندر جي 40 /ئي يونين ڪائونسلن جي ننڍن وڏن شهرن توڙي ٻهراڙي وارن ڳوٺن ۾ ڪڻڪ جي اٽي جي اگھن ۾ دڪاندارن رڪارڊ اضافو ڪري ڇڏيو آهي، جتي في ڪلو اٽو 150 کان 160 رپين ۾ وڪرو ڪري رهيا آهن. شهرين صديق ميمڻ ، منصور جلالاڻي ، زبير ميمڻ ، عبدالعزيز ، مينهن وسائي ، ربنواز ۽ ٻين پڻ اٽي جي اگھ ۾ رڪارڊ واڌ تي شديد رد عمل ظاهر ڪندي چيو آهي ته سنڌ حڪومت پاران 65 رپيا اٽي جي ڪلو وڪرو ٺاڻايو پيو وڃي پر ان اٽي جي گاڏين ذريعي گھٽ سپلاءِ ٿيڻ سبب ضلعي جي ڪوهستان ۽ سامونڊي پٽي سميت اڪثريتي شهرن جي رهائشي آبادي سستي اٽي جي دستيابي کان محروم بڻجي منافعي خور واپارين جي ور چڙهي ڳري اگھ 150 کان 160 رپين ۾ في ڪلو اٽو خريدڻ تي مجبور آهي.هنن چيو ته سستي اٽي جي وڪري جا جوڳاءَ بندوبست ڪري هتان جي غريب ، پورهيت توڙي نوڪري پيشه خريدارن کي وڌيڪ پريشانين ۾ مبتلا ٿيڻ کان بچايو وڃي .ٻئي پاسي ڊپٽي ڪمشنر غضنفر علي قادري چيو آهي ته سنڌ سرڪار جي سستي اٽي وڪري واري اعلان بعد ضلعي اندر 29 پوائنٽس قائم ڪري اتي سستي اٽي جي دستيابي يقيني بڻائي عوام کي اٽو فراهم ڪري رهيا آهيون.ڊسٽرڪٽ فوڊ ڪنٽرلر نزاڪت علي ڪلهوڙي چيو آهي ته ضلعي اندر 41 اٽي جي چڪين کي هر مهيني سندن گھرج مطابق ڪڻڪ ڏئي کين 75 رپيا اٽي وڪري ڪرڻ جو پابند بڻايو ويو آهي .