ٺٽو ( رپورٽر ) برسات جي لاڳيتي جاري هجڻ ڪري ڪوهستاني علائقن ۾ پڻ جابلو نيون لوياچ ، سوڙھ ، هرولو ، جرمن ڍورو نئين باران ۽ ٻيون ڪتيريون ئي جابلو ننڍيو نيون ۽ ڍورا وهي آيا آهن، جنهنڪري ڪوهستان واسين جو سمورو زميني رابطو شهرن سان ڪٽجي ويو آهي جڏهن ته نين لوياچ ، سوڙھ ، هرولو سميت ٻين ننڍين نين ڍورن جي برساتي پاڻي جي ڪينجھر ڍنڍ ۾ تيزي سان داخل ٿيڻ ڪري ڪينجھر ڍنڍ جي سطح پڻ 51.5  آر ايل کان ٽپي وئي آهي جڏهن ته ٺٽي جي سامونڊي تعلقن گھوڙاٻاري ،ڪيٽي بندر ، کاروڇاڻ ۾ پڻ لاڳيتي برساتن جي جاري هجڻ سان گڏ سامونڊي ويرن جي پاڻي ۾ پڻ اضافي بعد هتان جي صورتحال انتهائي ابتر ٿي وئي آهي جڏهن ته هتان جي هيٺائين وارن علائقن ۾ برساتي ۽ سامونڊي ويرن جي پاڻي جي داخل ٿيڻ ڪري پڻ وڏي پئماني تي متاثرن پاران لڏپلاڻ ڪري قائم ڪيل امدادي ڪئمپن سميت ٻين مٿانهين وارن هنڌن تي پناهون ورتيون ويون آهن ٻئي پاسي ڪوٽڙي بئراج جي هيٺائين پاسي سنڌو درياءَ جي 2 لک ڪيوسڪ کان مٿي پاڻي جو وهڪرو سمنڊ ۾ چاڙھ سبب سمنڊ ۾ داخل نه ٿيو، جنهن ڪري دريائي وهڪري ٺٽي جي وسيع ڪچي واري علائقي کي پاڻي هيٺ آڻي ڇڏيو آهي جنهنڪري ڪچي جي ڪيترن ئي پاڻي هيٺ آيل ڳوٺن جي ڳوٺاڻن پڻ لڏپلاڻ ڪري اچي شهيد دولھ درياءَ خان جي پل جي حفاظتي بند ۽ بي يو گليل ۽ بي يو انڊو بچاءَ بندن سوڌو شهيد دولھ درياءَ پل جي هيٺان پناهون ورتيون آهن هوڏانهن برسات جي لاڳيتي تيز وسڪاري سبب ضلعي اندر هزارين ايڪڙن جي ايراضي تي پوکيل فصلن جي سخت متاثر ٿيڻ ڪري آبادگارن توڙي هارين جا ٻئي هٿ مٿي تي اچي ويا.