ٺٽو ( رپورٽر ) ٺٽو پوليس پاران گٽڪي جي فيڪٽري تي چاپو هڻي 2 گٽڪي وڪري ڪندڙن کي گرفتار ڪري وٽانئن وڏي مقدار ۾ گٽڪي ، مائي ۾ استعمال ٿيندڙ سامان سان گڏ تيار گٽڪي مائي سميت هڪ مڪسچر مشين پوليس تحويل ۾ وٺڻ جي دعويٰ ڪئي وئي آهي ان ڏس ۾ ٺٽو ۽ ڇتوچنڊ جي پوليس ڇتو چنڊ ويجھو ڳوٺ ڪمال جاکرو ۾ نوح جاکرو جي گٽڪي مائي جي وڏي فئڪٽري تي ڇاپو هڻي 2 جوابدران پير بخش ۽ دلمراد جاکرو کي گرفتار ڪري گٽڪي مائي جي فئڪٽري مان وڏي تعداد ۾ گٽڪي ، ما.ئي ۾ استعمال ٿيندڙ سامان 5 ڪٽہ تمباڪو پتي وزن 170 ڪلو، 2 ڪٽہ چن وزن 47 ڪلو، 6 پلاسٽڪ جا ڊرم جنھن ۾ پسيل چورو وزن 40 ڪلو، 2 پلاسٽڪ جا ٽپ، 2 بالٽيون، 4 ريپر پني رول، 5 سئو پاڪٽ گٽڪا ماوا، ھڪ مڪسچر مشين پنهنجي تحويل ۾ وٺي گٽڪا فروشن خلاف منشيات ايڪٽ جا ٺٽي ٿاڻي تي ڪيس داخل ڪري ڇڏيا آهن. فرار ٿيل جوابدارن جي گرفتارين لاءِ ڇاپن جو سلسلو شروع ڪيو ويو آهي.